خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پاران قائداعظم محمد علي جناح جي يوم ولادت جي مناسبت سان پيغام جاري

پشاور-25 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي قائداعظم محمد علي جناح جي يوم ولادت جي مناسبت سان پيغام ۾ چيو آهي ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار رياست قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي دانشمنداڻي قيادت کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. قائداعظم جي قيادت ۾ مسلمان اڳواڻن جي اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ مملڪت خداداد پاڪستان وجود ۾ آيو. …

پشاور-25 ڊسمبر (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمد سهيل آفريدي قائداعظم محمد علي جناح جي يوم ولادت جي مناسبت سان پيغام ۾ چيو آهي ته ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار رياست قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي دانشمنداڻي قيادت کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. قائداعظم جي قيادت ۾ مسلمان اڳواڻن جي اڻٿڪ جدوجهد جي نتيجي ۾ مملڪت خداداد پاڪستان وجود ۾ آيو. هن چيو ته پاڪستان جي بقاءَ، سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي اسان جي اولين ذميواري ۽ ترجيح آهي. قائداعظم جي سنهري اصولن ”ايمان، اتحاد ۽ تنظيم“ کي پنهنجي زندگي جو مشغلو بڻائي ئي اسان پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي جي خواب کي پورو ڪري سگهون ٿا. پاڙيسري ملڪ ڀارت جي مسلمان مخالف ۽ جارحاڻي رويي اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته مسلمانن لاءِ ڌار رياست جي قيام جو فيصلو درست، وقت سر ۽ اڻٽر هو ۽ پاڪستان جو قيام ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي مسئلن جو واحد حل ۽ مستقبل هو. پاڪستاني قوم پنهنجي وطن جي بقاءَ  سلامتي لاءِ ماضي ۾ به ڪنهن قرباني کان پاسو نه ڪيو ۽ آئنده به وطن عزيز جي سلامتي تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. پاڪستان اسان جي وڏڙن ۽ بزرگن جي عظيم قربانين جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيو. جنهن جو اصل مقصد هڪ اسلامتي فلاحي رياست جو قيام هو ۽ اڄ ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته اسان پاڪستان جي بانين جي ويزن موجب هن ملڪ کي حقيقي معنيٰ ۾ هڪ آزاد، خودمختيار ۽ عظيم فلاحي رياست بڻائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريون. صوبائي حڪومت قائداعظم جي ويزن موجب هڪ منصفاڻي، پرامن ۽ خودمختيار معاشري جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. هڪجهڙي عدل ۽ انصاف جي نظام ۽ قانون جي بالادستي کانسواءِ ڪا به رياست پنهنجي پيرن تي بيهي نٿي سگهي. جيڪڏهن اسان وطن عزيز پاڪستان کي واقعي هڪ عظيم ۽ خودمختيار ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا ته اسان کي پنهنجي ترجيحن جو نئين سري سان جائزو وٺڻو پوندو ۽ ملڪ جي بقاءَ، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ اجتماعي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.