لاهور-25 ڊسمبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پاڪستان جي باني قائداعطم محمد علي جناح ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي يوم پيدائش تي جاري پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته آئون باباءِ قوم محمد علي جناح جي عظمت، حڪمت، محنت ۽ دانائي کي سلام عقيدت پيش ڪريان ٿي، قائداعظم جي بصيرت ۽ عزم اڄ به هر دل ۾ مشعل راهه آهي ۽ …
پنجاب جي وزيراعليٰ پاران پاڪستان جي باني قائداعطم محمد علي جناح ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي يوم پيدائش تي خصوصي پيغام جاري

مزید خبریں
لاهور-25 ڊسمبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پاڪستان جي باني قائداعطم محمد علي جناح ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي يوم پيدائش تي جاري پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته آئون باباءِ قوم محمد علي جناح جي عظمت، حڪمت، محنت ۽ دانائي کي سلام عقيدت پيش ڪريان ٿي، قائداعظم جي بصيرت ۽ عزم اڄ به هر دل ۾ مشعل راهه آهي ۽ هر نسل لاءِ سبق جي حيثيت وارو آهي، محمد علي جناح اهو عظيم اڳواڻ هو جنهن ڇڙوڇڙ قوم کي متحد ڪري سندن تقدير بدلائي ڇڏي. هن چيو ته محمد نواز شريف جي مدبراڻي قيادت، محنت ۽ بي پناهه قربانين کي به خراج تحسين پيش ڪريان ٿي، محمد نواز شريف پاڪستان کي سنواريو. محمد نواز شريف هر ڀيري قوم کي دهشتگردي ۽ معاشي مشڪلاتن کان ڇوٽڪاريو ڏياريو ۽ پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جو قائداعظم جو خواب محمد نواز شريف ايٽمي ڌماڪا ڪري پورو ڪيو. مريم نواز چيو ته محمد علي جناح قوم کي آزادي ڏياري ۽ محمد نواز شريف قوم کي سهولت، امن ۽ ترقي ڏني. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي تعليم ۽ محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان هميشه روشن ۽ مضبوط رهندو.











