اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو آهي ته پاڪستان جو قيام قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ پختي عزم جو نتيجو آهي، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح هڪ دورانديش، عظيم ڏاهو ۽ بي مثال اڳواڻ هو. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم ولادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته باباءِ قوم …
پاڪستان جو قيام قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ پختي عزم جو نتيجو آهي: سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين سيدال خان

مزید خبریں
اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان چيو آهي ته پاڪستان جو قيام قائداعظم محمد علي جناح جي اڻٿڪ جدوجهد ۽ پختي عزم جو نتيجو آهي، پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح هڪ دورانديش، عظيم ڏاهو ۽ بي مثال اڳواڻ هو. باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم ولادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چيو ته باباءِ قوم پنهنجي دانشمنداڻي قيادت سان مسلمانن کي متحد ڪري آزاد پاڪستان جو خواب حقيقت بڻايو، پاڪستان جو قيام رڳو زمين حاصل ڪرڻ نه هو پر مسلمانن لاءِ هڪ ڌار ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ هو. سيدال خان چيو ته موجوده حالتن ۾ قائداعظم جا فرمان غير معمولي اهميت رکن ٿا جن تي عمل ڪري ئي قومي مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا. اسان کي قائداعظم جي فڪرن جي روشني ۾ اڳتي وڌڻو پوندو، اتحاد ۽ اتفاق سان ئي مضبوط پاڪستان ممڪن آهي.











