اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم جو پيدائش جو ڏهاڙو سندن رهنما اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ جي لاءِ وچن جي ورجاءُ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قائداعظم محمد علي جناح جي 149هين پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي …
وزيراعظم پاران باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته قائداعظم جو پيدائش جو ڏهاڙو سندن رهنما اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ جي لاءِ وچن جي ورجاءُ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قائداعظم محمد علي جناح جي 149هين پيدائش جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان پوري قوم سان هڪ آواز ٿي قائداعظم محمد علي جناح کي دلي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته هر سال قائداعظم جي پيدائش جو ڏهاڙو پوري قوم جي لاءِ وچن جي ورجاءُ جو موقعو پڻ فراهم ڪري ٿو ته اسان انفرادي ۽ بحيثيت مجموعي قومي سطح تي قائداعظم جي رهنما سياسي اصولن، رياستي ڀلائي ۽ دائمي معاشرتي سڌارن جي تعليم تي موثر انداز ۾ عمل پيرا ٿيون. وزيراعظم چيو ته قائداعظم بنا ڪنهن فرق رنگ، نسل، مذهبي هم آهنگي، معاشرتي ڀائيچاري ۽ انصاف جهڙن رهنما اصولن جو درس ڏيو، توهان جا سنهري اصول ايمان، اتحاد، تنظيم نه رڳو روشن قومي مستقبل جي ضمانت پر پاڪستان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ پڻ مشعل راهه آهن. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اهو عظيم اڳواڻ ۽ عالمي ليڊر آهي جنهن جي سياسي بصيرت ۽ بي لوث قيادت پاڪستان قائم ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي سياسي مستقبل ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو، قائداعظم محمد علي جناح ڌرتي جو اهو ناقابل فراموش سپوت آهي جنهن تاريخ جي ڌارا موڙي مملڪت خداداد قائم ڪرڻ کي ممڪن بڻايو. وزيراعظم چيو ته قائد جي عزم، همت، پختي ارادي ۽ پرخلوص جدوجهد ننڍي کنڊ جي لکين مسلمانن جي لاءِ نئين مملڪت قائم ڪرڻ جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو. توهان خلوص نيت سان مسلمانن جي لاءِ هڪ آزاد، خودمختيار، فلاحي رياست جي نيڪ عزم جي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي، توهان نه رڳو سياسي مخالفن جو مقابلو ڪيو پر سامراجي قوتن کي پڻ شڪست ڏني. وزيراعظم قوم کي دعوت ڏني ته اچو اڄ جي ڏينهن ان وچن جو ورجاءُ ڪريون ته قائداعظم جي نقش قدم تي هلندي قومي عزت ۽ وقار، تحفظ ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي خلوص نيت ۽ بي لوث لڳاءُ سان زندگي جي هر شعبي ۾ محنت ڪنداسين.










