ڪرسمس جو ڏينهن اميد، امن ۽ همدرديءَ جو پيغام کڻي اچي ٿو: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد - 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرسمس جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان جي مسيحي شهرين ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي دلي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪندي چيو آهي ته ڪرسمس جو ڏينهن اميد، امن ۽ همدرديءَ جو پيغام کڻي اچي ٿو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ان موقعي تي …

اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرسمس جي خوشي جي موقعي تي پاڪستان جي مسيحي شهرين ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي دلي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪندي چيو آهي ته ڪرسمس جو ڏينهن اميد، امن ۽ همدرديءَ جو پيغام کڻي اچي ٿو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ان موقعي تي محبت ۽ انسانيت جي خدمت جو درس اسان کي انهن گهري رشتن جي ياد ڏياري ٿو جيڪي سمورن انسانن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍين ٿا. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جو اهڙو ويزن پيش ڪيو جيڪو آزادي ۽ سڀني جي لاءِ برابري تي ٻڌل هو، 11 آگسٽ 1947ع تي پهرين آئين سازاسيمبلي کي پنهنجي تاريخي خطاب ۾ هن فرمايو ته ”توهان آزاد آهيو، توهان آزاد آهيو ته پنهنجي مندرن ۾ وڃو، پنهنجي مسجدن ۾ وڃو يا پاڪستان جي رياست ۾ ڪنهن به عبادتگاهه ۾ وڃو. صدر چيو ته اهي لفظ مذهبي آزادي ۽ سمورن شهرين جي وچ ۾ گڏيل احترام جي لاءِ اسان جي عزم جي مضبوط توثيق ڪن ٿا. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جي مسيحي شهرين سياست، قومي دفاع، تعليم، ادب، فنون لطيفه، موسيقي، صحت، سماجي ڀلائي ۽ عوامي خدمت سميت مختلف شعبن ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن جون ڪوششون اسان جي گڏيل ترقي کي سگهه ڏين ٿيون ۽ اسان جي قومي زندگي کي وڌيڪ مالامال ڪن ٿيون. صدر چيو ته ان ڏينهن اسان کي ايس پي سنگها اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ليجسليٽو اسيمبلي جي ڪردار کي پڻ ياد رکڻ گهرجي جنهن پاڪستان جي حق ۾ فيصلائتو ووٽ ڏنو، اهڙي طرح هي ڏينهن اسان جي جنگي هيرو سيسل چوڌري کي ياد ڪرڻ جو پڻ آهي جنهن 1965ع جي جنگ ۾ انتهائي خطرناڪ مشن دوران ڀارتي جهازن، هٿيارن ۽ ٻارڻ جي ڊيپوئن کي تباهه ڪيو ۽ پنهنجي جهاز کي شيد نقصان پهچڻ جي باوجود مشن مڪمل ڪري حفاظت سان واپس آيو. صدر چيو ته پاڪستان جو آئين هر شهري جي لاءِ برابر حق ۽ مذهبي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو، اسان سمورين برادرين جي وچ ۾ هم آهنگي، گڏيل احترام ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون، اسان جو تنوع اسان جي طاقت آهي ۽ ان کي وڌيڪ اتحاد، ڀائيچاري ۽ تعاون جو سبب بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته ان برڪتن واري ڏينهن تي آئون مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ۽ نئين سال جي لاءِ امن، صحت ۽ خوشحالي جون نيڪ خواهشون پيش  ڪريان ٿو، دعاڳو آهيان ته ڪرسمس جو روح اسان سڀني کي همدرديءَ ۽ انصاف جي اصولن تي قائم رهڻ ۽ پنهنجي قوم جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ترغيب ڏي.