اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام پوري انسانيت جي لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏنو ۽ نيڪي، تقويٰ ۽ پاڪيزه طرز زندگي جي تلقين ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪرسمس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم …
وزيراعظم پاران سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي ڪرسمس جون مبارڪُون

مزید خبریں
اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام پوري انسانيت جي لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏنو ۽ نيڪي، تقويٰ ۽ پاڪيزه طرز زندگي جي تلقين ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪرسمس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ ڪرسمس جي خوشي ۽ برڪتن جي موقعي تي آئون عوام ۽ پاڪستان حڪومت پاران سڄي دنيا ۽ خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، سمورن اهل وطن کي ان ڏڻ جون روايتي خوشيون مبارڪ هجن. هن چيو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ولادت باسعادت جي ان مبارڪ ڏينهن تي اسان دعاڳو آهيون ته هي ڪرسمس مسيحي برادري ۽ اسان جي ملڪ جي لاءِ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي جي نويد کڻي اچي. وزيراعظم چيو ته ڪرسمس نه رڳو مسيحي برادري جو جشن ۽ تقريبن تي ٻڌل مذهبي ڏڻ آهي پر اهو پوري انسانيت جي لاءِ پيغام محبت، امن ۽ ڀائيچاري ۽ خيرسگالي جي جذبن سان اسان کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ٿو. حضرت عيسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي هڪ جليل القدر پيغمبر جي حيثيت سان اسلام ۾ انتهائي محترم مقام رکي ٿو، هن پوري انسانيت جي لاءِ امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏنو ۽ ماڻهن کي نيڪي، تقويٰ ۽ پاڪيزه طرز زندگي جي تلقين ڪئي. وزيراعظم مسيحي برادري جي پاڪستان ۾ فعال، مثبت ۽ پرامن برادري جي حيثيت سان قابل قدر ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي مجموعي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ انهن جون مخلصاڻيون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم پاڪستان ۾ دهشتگردي جي خلاف جدوجهد ۾ پوري قوم سان گڏ انهن جي قربانين کي فخر جوڳو قرار ڏيندي چيو ته مسيحي برادري جي تعليم، طب ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ پڻ اڻٿڪ خدمتون سماجي هم آهنگي جي فروغ جو سبب آهن. هن چيو ته سمورن شهرين جي لاءِ بنا فرق رنگ ۽ نسل گڏيل هم آهنگي، حقن ۽ آزادي جو تحفظ، معاشي آسودگي، پيشيواراڻي ترقي جا هڪ جهڙا موقعا پاڪستان حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهن. هن دعوت ڏني ته اچو اڄ جي ان خوشين ڀريل ڏينهن تي ان وچن جو ورجاءُ ڪريون ته سمورن طبقن ۽ مذهبن جا مڪتبه فڪر گڏجي قوم جي پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ مضبوط، محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ تعميري ڪردار ادا ڪندا رهندا.










