اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري ڪميشن بورڊ، پي آءِ اي لاءِ عارف حبيب ڪنسورشيم جي واڪ جي منظوري جي سفارش ڪئي آهي. نجڪاري ڪميشن بورڊ نجڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد علي جي صدارت ۾ هتي منعقد پنهنجي 246هين اجلاس ۾ عارف حبيب ڪنسورشيم طرفان پيش ڪيل واڪ جي آڇ کي نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي کان غور ۽ منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي سفارش …
نجڪاري ڪميشن بورڊ پاران پي آءِ اي لاءِ عارف حبيب ڪنسورشيم جي واڪ جي منظوري جي سفارش
اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري ڪميشن بورڊ، پي آءِ اي لاءِ عارف حبيب ڪنسورشيم جي واڪ جي منظوري جي سفارش ڪئي آهي. نجڪاري ڪميشن بورڊ نجڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار ۽ نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين محمد علي جي صدارت ۾ هتي منعقد پنهنجي 246هين اجلاس ۾ عارف حبيب ڪنسورشيم طرفان پيش ڪيل واڪ جي آڇ کي نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي کان غور ۽ منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. نجڪاري وزارت، نجڪاري ڪميشن جي پڌرائي مطابق نجڪاري ڪميشن بورڊ، پي آءِ اي شيئرز جي خريداري لاءِ واڪ جي رقم تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پي آءِ اي جي 75 سيڪڙو شيئرز لاءِ 100 ارب روپين جي ريفرنس پرائس جي ڀيٽ ۾ 135 ارب روپيا وصول ٿيا. بورڊ، مالياتي صلاحڪار ۽ نجڪاري ڪميشن جي ٽرانزيڪشن ٽيم سميت ڏيتي ليتي ۾ شامل سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي ڪوششن جو به اعتراف ڪيو. نجڪاري بورڊ ڏيتي ليتي کي حتمي مرحلي تائين پهچائڻ ۾ نجڪاري بابت وزيراعظم جي صلاحڪار جي قيادت کي به ساراهيو.












