اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت ۽ اٽلانٽڪ انٽرنيشنل بزنس نيٽ ورڪ جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون ويون. صحت واري وزارت جي عملدارن پاران جاري بيان موجب ايم او يو جو مقصد سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي وهڪري، انتظامي معاملن ۽ آپريشنل ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي جنهن لاءِ جديد مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم (ايم آءِ ايس) …
نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت ۽ اٽلانٽڪ انٽرنيشنل بزنس نيٽ ورڪ وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون

مزید خبریں
اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت ۽ اٽلانٽڪ انٽرنيشنل بزنس نيٽ ورڪ جي وچ ۾ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون ويون. صحت واري وزارت جي عملدارن پاران جاري بيان موجب ايم او يو جو مقصد سرڪاري اسپتالن ۾ مريضن جي وهڪري، انتظامي معاملن ۽ آپريشنل ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي جنهن لاءِ جديد مينيجمينٽ انفارميشن سسٽم (ايم آءِ ايس) متعارف ڪرايو ويندو. اٽلانٽڪ انٽرنيشنل بزنس نيٽ ورڪ جيڪا پاڪستان ۾ قائم هڪ ڪمپني آهي، 11 حصن تي ٻڌل هڪ جامع ايم آءِ ايس بنا معاوضي فراهم ڪندي. هن چيو ته اهو نظام 6 هفتن کان ٻن مهينن اندر لڳائي مڪمل ڪيو ويندو. هي جديد ايم آءِ ايس قومي ڊجيٽل هيلٿ فريم ورڪ ”ون پيشنٽ ون آءِ ڊي“ سان مڪمل طور تي ڳنڍيل هوندو جنهن سان مريضن جي رڪارڊ ۽ خدمتن ۾ شفافيت ۽ برابري يقيني بڻائي سگهبي. هن چيو ته حڪومت صحت جي شعبي ۾ طبي سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري کي يقيني بڻائي رهي آهي ۽ ڊجيٽل نظام ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته انهن قدمن سان اسپتالن جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري ايندي.










