صدر آصف علي زرداري عراق جي سرڪاري دوري کانپوءِ وطن واپس روانو

اسلام آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عراق جي سرڪاري دوري کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر حسين العيساوي، صدر مجلس محافظه نجف صدر کي رخصت ڪيو. صدر آصف علي زرداري عراق جي دوري دوران عراق جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪيون. صدر پنهنجي دوري دوران نجف ۽ ڪربلا جي گورنرز سان پڻ ملاقات …

اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري عراق جي سرڪاري دوري کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ڊاڪٽر حسين العيساوي، صدر مجلس محافظه نجف صدر کي رخصت ڪيو. صدر آصف علي زرداري عراق جي دوري دوران عراق جي صدر ۽ وزيراعظم سان ملاقات ڪيون. صدر پنهنجي دوري دوران نجف ۽ ڪربلا جي گورنرز سان پڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل تعاون ۽ رابطن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري بغداد، نجف ۽ ڪربلا ۾ مقدس جاين تي حاضري ڀري ۽ عقيدت جو اظهار ڪيو.