اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز ۾ نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) جو دورو ڪيو جتي اين ڊي ايم اي ٽيم طرفان 2026ع دوران پاڪستان ۽ ٻين ملڪن کي امڪاني موسمياتي خطرن بابت بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير کي اين ڊي ايم اي جي اڳواٽ آگاهي لاءِ فعال جديد نظام جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. …
وفاقي گهرو وزير وزير محسن نقوي پاران نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جو دورو

مزید خبریں
اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز ۾ نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر (اين اي او سي) جو دورو ڪيو جتي اين ڊي ايم اي ٽيم طرفان 2026ع دوران پاڪستان ۽ ٻين ملڪن کي امڪاني موسمياتي خطرن بابت بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير کي اين ڊي ايم اي جي اڳواٽ آگاهي لاءِ فعال جديد نظام جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. اين ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق اين ڊي ايم، پاڪستان لينز جي روشني ۾ 2026ع دوران پاڪستان کي امڪاني موسمياتي خطرن ۽ انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدمن، سمورن خطرن جي اڳواٽ تشخيص ۽ نگراني لاءِ فعال ڊجيٽل پورٽلز ۽ آفت جي حوالي سان عالمي سطح جي موبائل ايپليڪيشن تي بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير، اين ڊي ايم اي جو آفتن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي ۽ ادارن وچ ۾ رابطاڪاري کي ساراهيو. گهرو وزير، اين ڊي ايم اي ۽ سول ڊفينس وچ ۾ سهڪار تي به زور ڀريو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته آفتن کي منهن لاءِ گڏيل لائحه عمل ۽ تربيتي ڪورسز لاءِ سول ڊفينس اڪيڊمي جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. گهرو وزير، اين ڊي ايم اي ۾ قائم سينٽر ايڪسيلينس جو به دورو ڪيو. گهرو وزير، پاڪستان ۾ آفتن کي منهن ڏيڻ جي نظام کي وڌيڪ فعال ۽ متحرڪ ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.










