آءِ اي اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي پاران پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي ذريعي ڪينسر کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي واکاڻ

اسلام آباد - 24 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي ذريعي ڪينسر کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي ڪينسر جي 20 اسپتالن ۽ تربيت يافته پيشيور ماڻهن جي ملڪ گير نيٽ ورڪ کي اجاگر ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب آءِ اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته پاڪستان پنهنجي …

اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي ذريعي ڪينسر کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي ڪينسر جي 20 اسپتالن ۽ تربيت يافته پيشيور ماڻهن جي ملڪ گير نيٽ ورڪ کي اجاگر ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس موجب آءِ اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته پاڪستان پنهنجي مينڊيٽ جي سمورن شعبن ۾ عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي سان پنهنجي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ خاص طور تي ”ريز آف هوپ“ قدم جهڙين سهولتن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ زندگي بچائيندڙ ريڊيو ٿراپي ۽ تشخيصي خدمتن تائين پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. آءِ اي اي جي ڊائريڪٽر جنرل پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو ته ڪينسر جي ڪري ڪيترائي ماڻهو حياتي وڃائي ويهن ٿا، پاڪستان ۾ هر سال هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو ڪينسر جي ڪري موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا جڏهن ته سڄي دنيا ۾ اهو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي چڪو آهي ۽ صورتحال مسلسل خراب ٿي رهي آهي، اندازو آهي ته 2050ع تائين ڪينسر سان ٿيندڙ فوتگين ۾ 75 سيڪڙو اضافو ٿي ويندو. رافيل ماريانو گروسي چيو ته اسرندڙ ملڪ ان مسئلي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي وڌيڪ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان اهي قدم کڻي رهيا آهيون، انهي مقصد تحت مون آءِ اي اي جو ”ريز آف هوپ“ قدم شروع ڪيو جنهن تحت ريڊيوٿراپي مشينون فراهم ڪيون پيون وڃن. عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته پاڪستان حڪومت به ڪينسر جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان ائٽمي توانائي ڪميشن (پي اي اي سي) ملڪ ۾ 20 ڪينسر اسپتالون قائم ڪيون آهن ۽ ماهر افرادي قوت کي تربيت ڏني آهي. هن پي اي اي سي کي جديد ترين انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر ميڊيسن، آنڪولوجي اينڊ ريڊيوٿراپي قائم ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. رافيل ماريانو گروسي چيو ته پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ مون ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال جي شعبي ۾ آءِ اي اي اي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن چيو ته ان دوري دوران مون نوري ۽ انمول ڪينسر اسپتالن ۾ تشخيص ۽ علاج جي سهولتن جو پاڻ مشاهدو ڪيو ۽ مون کي پاڪستان جي پهرين سرڪاري شعبي جي سائبر نائف مرڪز جو افتتاح ڪرڻ جو پڻ اعزاز حاصل ٿيو. رافيل ماريانو گروسي نوري اسپتال کي آءِ اي اي اي جي ”ريز آف هوپ“ اينڪر سينٽر جي طور تي حصيداري تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته محفوظ ۽ موثر ريڊيوٿراپي ۽ تشخيصي اميجنگ سهولتن تائين پهچ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيان. هن چيو ته ٽيڪنالاجي انهي وقت جان بچائڻ جو ذريعو بڻجي ٿي جڏهن اها تربيت يافته ماهرن جي هٿ ۾ هجي. عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي  ڊائريڪٽر جنرل چيو ته اينڪر سينٽرز سڄي دنيا ۾ تربيت ۽ صلاحيت سازي جي لاءِ هڪ اهم علائقائي ڪردار ادا ڪن ٿا. هن پاڪستان کي ان اهم سنگ ميل تي مبارڪباد ڏيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته آءِ اي اي اي ڪينسر جي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سان پنهنجو اهم ڪم جاري رکندو.

مزید خبریں