ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ صوبائي ٻيلي کاتي وچ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزري معاهدي تي صحيحيون

اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ صوبي ۾ دريائي ماحولياتي نظام جي بحالي جي سلسلي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ صوبائي ٻيلي کاتي وچ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزري معاهدي تي صحيحيون ڪيون ويون. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري بيان مطابق پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافن ۽ سنڌ جي ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري نجم الدين سهتو، معاهدي تي صحيحيون ڪيون. ان حصيداري جو مقصد سنڌ …

اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ صوبي ۾ دريائي ماحولياتي نظام جي بحالي جي سلسلي ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ صوبائي ٻيلي کاتي وچ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزري معاهدي تي صحيحيون ڪيون ويون. ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري بيان مطابق پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافن ۽ سنڌ جي ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري نجم الدين سهتو، معاهدي تي صحيحيون ڪيون. ان حصيداري جو مقصد سنڌ جي دريائي ماحولياتي نظام جي بحالي آهي جنهن ذريعي موسمياتي لچڪ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏني ويندي. معاهدي تحت سنڌو درياهه سان گڏ واقع لڳ ڀڳ 88000 هيڪٽر دريائي ٻيلي جي پائيدار نظام لاءِ بئنڪ شروع کان آخر تائين ٽرانزيڪشن ايڊوائيزري معاونت فراهم ڪندي.سنڌ رورين ايڪو سسٽم ريسٽوريشن اينڊ ڪاربن سيڪويسٽريشن پراجيڪٽ ڏکڻ ايشيا ۾ دريائي ٻيلن جي بحالي سڀ کان وڏن منصوبن ۾ مان هڪ آهي جيڪو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ ماڊل تحت تيار ڪيو ويو آهي. ماحولياتي بحالي، نجي شعبي جي شموليت ۽ ڪاربن فنانس کي گڏ ڪري هي منصوبو پاڪستان جي موسمياتي وعدن سان هم آهنگ ۽ ڊگهي مدي جي ترقي جي حوالي سان وڏي اهميت وارو آهي. 

مزید خبریں