پاڪستان ۾ معاشي استحڪام، سڌارن ۽ پاليسين جي تسلسل سان ملڪي ۽ عالمي سطح تي اعتماد بحال ٿيڻ لڳو: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان اهم معاشي موڙ تي پهچي چڪو آهي، معاشي استحڪام، سڌارن ۽ پاليسين جي تسلسل سان ملڪي ۽ عالمي سطح تي اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، معيشت هاڻي رڳو استحڪام جي مرحلي مان نڪري ايڪسپورٽ تي ٻڌل ترقي طرف وڌي رهي آهي، مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ملڪ …

اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان اهم معاشي موڙ تي پهچي چڪو آهي، معاشي استحڪام، سڌارن ۽ پاليسين جي تسلسل سان ملڪي ۽ عالمي سطح تي اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، معيشت هاڻي رڳو استحڪام جي مرحلي مان نڪري ايڪسپورٽ تي ٻڌل ترقي طرف وڌي رهي آهي، مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ ملڪ پائيدار ڊگهي مدي واري ترقي جي راهه تي گامزن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن (هڪ جامع انٽرويو ۾ ڪيو  جيڪو ڪجهه هفتا اڳ ورتو ويو هو ۽ هاڻي مشهور عالمي اخبار يو ايس اي ٽو ڊي ۾ شايع ٿيل 16 صفحن تي ٻڌل خصوصي اشاعت ”پاڪستان اسپيشل رپورٽ“ ۾ شايع ٿيو آهي). ان رپورٽ ۾ پاڪستان جي معيشت، سيڙپڪاري جي اڀرندڙ موقعن ۽ اهم پاليسي ترجيحن تي تفصيلي تجزيا ۽ ماهرن جا رايا شامل آهن. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالي سال 2025ع جي شروعات پاڪستان بهتر معاشي بنياد سان ڪئي جنهن ۾ معيشت جي استحڪام، پرڏيهي کاتن ۾ بهتري ۽ ڍانچاجاتي سڌارن سان مضبوط وابستگي به شامل آهي. هن چيو ته سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڪستان پرائمري بجيٽ سرپلس ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس حاصل ڪيو آهي جيڪو مسلسل خسارن جي چڪر مان نڪرڻ جي واضح نشاني آهي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافو ان بهتري جو اهم سبب بڻيو جڏهن ته مهانگائي 38 سيڪڙو جي بلند ترين سطح کان گهٽجي سنگل ڊجٽ ۾ اچي وئي آهي. پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 14.5 ارب ڊالرن کان وڌي چڪا آهن جنهن سان اٽڪل اڍائي مهنين جي آمدني واپار جو احاطو ممڪن ۽ مٽاسٽا ناڻي جي شرح ۾ استحڪام سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي.ناڻي واري وزير واضح ڪيو ته جيتوڻيڪ معاشي استحڪام ضروري بنياد آهي تنهن هوندي به پائيدار ترقي اصل چئلينج آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال ۾ 2.7 سيڪڙو معاشي اوسر مثبت ضرور آهي پر تيزي سان وڌندڙ آبادي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ناڪافي آهي. هن چيو ته ماضي جي تجربن کي نظر ۾ رکندي حڪومت کپت ۽ قرضن تي ٻڌل ترقي جي ماڊل کان هٽي ڪري روانگي واپار تي ٻڌل حڪمت عملي اختيار ڪري رهي آهي، موجوده بجيٽ ۾ ٽيڪس سڌارا، توانائي جي شعبي ۾ بهتري، سرڪاري ادارن جي اصلاح ۽ ٽيرف سڌارا شامل آهن، جن جو مقصد ڏهاڪن تي ٻڌل تحفظاتي نظام جو خاتمو ۽ عالمي چٽاڀيٽي ۾ اضافو آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان پنهنجي معاشي حڪمت عملي کي عالمي گهرج ۾ تبديلين سان هم آهنگ ڪري رهيو آهي جتي آءِ ٽي سروسز، ٽيڪسٽائيل ۽ زرعي روانگي واپار نمايان شعبا آهن. هن جو چوڻ هو ته آءِ ٽي روانگي واپار 4 ارب ڊالرن کان وڌي ويو آهي ۽ مناسب پاليسي تسلسل سان ايندڙ پنج سالن ۾ ٻيڻو ٿي سگهي ٿو، روانگي واپار ڪندڙن لاءِ ٽيڪس نظام کي آسان بڻائڻ ۽ انتظامي رڪاوٽون گهٽ ڪرڻ جا قدم به جاري آهن، هن چيو ته سرڪاري ادارن جي نجڪاري، توانائي جي شعبي جي بهتر بڻائڻ ۽ ٽيرف لبرلائيزيشن انهن ڪمزورين جي حل لاءِ آهن جيڪي ماضي ۾ قومي خزاني تي بار بڻيل رهيون، هي سڌارا عالمي بئنڪ جي ان تصور سان هم آهنگ آهن جنهن کي هن پاڪستان لاءِ امڪاني ايسٽ ايشيا موومنٽ قرار ڏنو. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ سان 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جو به حوالو ڏنو جيڪو معاشي سڌارن سان گڏوگڏ ماحولياتي تبديلي ۽ آبادي جي مسئلن تي ڌيان ڏي ٿو، هن زور ڀريو ته پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار صرف مالي اهڃاڻن تي ناهي پر آبادي ۾ تيز رفتار اضافو، موسمياتي تبديلي، ٻارن ۾ غذائي قلت، تعليمي محرومي ۽ ٻارن جي تعليم ۾ شموليت جهڙن بنيادي مسئلن جي حل تي آهي. عورتن جي تعليم ۽ ليبر فورس ۾ شموليت نه رڳو سماجي ضرورت پر معاشي ترقي لاءِ به اڻٽر آهي. موسمياتي تحفظ جي حوالي سان هن ٻوڏ ۽ ڏڪار جهڙن خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي حصيدارن سان تعاون تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير عالمي سطح تي موجود خطرن جهڙوڪ جنسن جي قيمتن ۾ لاها چاڙها، پرڏيهي قرضن جو دٻاءُ ۽ سياسي غير يقيني صورتحال جو اعتراف ڪندي چيو ته حڪومت هر حال ۾ سڌارن جو سفر جار رکندي، نظم ۽ ضبط، پاليسي تسلسل ۽ عالمي تعاون تازي معاشي بهتري جي تحفظ لاءِ اهم عنصر آهن. سيڙپڪارن لاءِ موقعن جو ذڪر ڪندي وفاقي وزير زراعت، معدنيات ۽ کاڻين ۽ ڊجيٽل معيشت کي ترجيحي شعبا قرار ڏنا. هن بلوچستان ۾ ٽيٿان ڪاپر بيلٽ جي عالمي سطح تي وڌندڙ اهميت، زرعي شعبي جي وسيع صلاحيت ۽ ڊيٽا سينٽرز، مصنوعي ذهانت ۽ ڊجيٽل سروسز ۾ ترقي ڏانهن ڌيان ڏياريو. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي پاڪستان لاءِ وڏي تبديلي ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ انهي مقصد تحت ريگوليٽري فريم ورڪ کي جديد رخن تي هموار ڪيو پيو وڃي خاص ڪري آمريڪي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي. ناڻي واري وزير عالمي برادري کي واضح پيغام ڏيندي چيو ته پاڪستان واپار، سيڙپڪاري ۽ حصيداري لاءِ تيار آهي، هن چيو ته پاڪستان بحرانن جي بياني مان نڪري موقعن ۽ تبديلي جي سفر ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ پائيدار ترقي جي دروازي تي بيٺل ان معيشت ۾ حصيدارن جي خواهشمند ماڻهن ۽ ادارن لاءِ روشن امڪان موجود آهن.

مزید خبریں