پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا وقت جي هر آزمائش تي پورا لٿا آهن: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا وقت جي هر آزمائش تي پورا لٿا آهن، سي پيڪ ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر، صنعت ۽ ثقافتي ترقي جي هڪ نئين دور جو بنياد رکيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي وچ ۾ فاصلا گهٽجي ويا آهن ۽ گڏيل هم آهنگي مضبوط ٿي آهي. اربع …

اسلام آباد-24 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا لاڳاپا وقت جي هر آزمائش تي پورا لٿا آهن، سي پيڪ ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر، صنعت ۽ ثقافتي ترقي جي هڪ نئين دور جو بنياد رکيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي وچ ۾ فاصلا گهٽجي ويا آهن ۽ گڏيل هم آهنگي مضبوط ٿي آهي. اربع ڏينهن هتي نائين چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ميڊيا فورم کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي چين سان خاص ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپن جو اعزاز حاصل آهي جيڪي ڪنهن ٻئي ملڪ کي حاصل نه آهن. آئرن برادرز جو اصطلاح صرف پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ استعمال ٿيندو آهي. هن چيو ته چين-پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) نه رڳو ملڪ ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير، صنعتن جي قيام ۽ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪيا آهن پر ثقافتي تبديلي جو سبب پڻ بڻيو آهي. ان جا اثر ان وقت به نظر آيا جڏهن چيني شهري روانيءَ سان اردو ۽ پاڪستاني شهري چيني ٻولي ۾ ڳالهائيندي نظر اچن ٿا. هن چيو ته سي پيڪ ٻولي ۽ ورهاڱي جي رڪاوٽن کي ٽوڙيندي هم آهنگي کي فروغ ڏنو ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو تحت روڊن، پلين، بندرگاهن ۽ صنعتن سان گڏوگڏ پاڪ چين دوستي جي هڪ دائمي پل تعمير ڪئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سي پيڪ جي پهرين مرحلي جو آغاز ۽ ان موقعي تي چيني صدر شي جن پنگ جو پاڪستان جو دورو ملڪي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل هو، جنهن کي معيشت جي بحالي لاءِ سدائين هڪ فيصلائتي موڙ طور ياد رکيو ويندو. هن چيو ته هن منصوبي نوجوانن، ميڊيا، صنعت ۽ زندگي جي ٻين سڀني شعبن لاءِ وسيع روزگار ۽ ترقي جا موقعا پيدا ڪيا ۽ سي پيڪ جو مجموعي تاثر سدائين مثبت رهيو آهي. ڊجيٽل دور تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو پهريون ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ قائم ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ڊجيٽل موجودگي موثر رياستي رابطي لاءِ اڻٽر بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته ڊجيٽل پاڪستان ٽي وي کي هڪ انگريزي اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن پليٽ فارم طور تي متعارف ڪرايو ويو هو، جنهن جي ناظرين تائين پهچ ۽ ڏسندڙن جي انگ ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. هن واضح ڪيو ته اهي قدم ڪنهن به سياسي پارٽي لاءِ نه پر پاڪستان جي رياست جي مفاد ۾ کنيا ويا آهن ته جيئن ايندڙ اطلاعات واري وزيرن لاءِ هڪ مضبوط ۽ پائيدار نظام موجود هجي. وفاقي وزير چيو ته ڀارت سان تڪرار دوران، پاڪستان کي وڏي پيماني تي غلط معلومات ۽ گمراهه ڪندڙ پروپيگنڊا کي منهن ڏيڻو پيو. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا ۽ ڪجهه يوٽيوب چينلز غير ذميداراڻي رپورٽنگ ذريعي من گھڙت خبرون پکيڙيون، جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا ذميوار صحافت جو مظاهرو ڪيو، جنهن جي ڪري عالمي سطح تي بيانيي جي جنگ ۾ پاڪستان جي فتح ٿي ڇاڪاڻ ته ملڪي محاذ مضبوط هٿن ۾ هو. هن چيو ته ڀارت پاڪستاني يوٽيوب چينلز تي پابنديون هنيُون، پر پاڪستاني نوجوانن ۽ ڊجيٽل ٽيم جديد ٽيڪنالاجي ذريعي هڪ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ ڀارت جي جاگرافيائي حدن اندر پاڪستاني مواد جي پهچ کي يقيني بڻايو. هن چيو ته اهو واقعو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٽيڪنالاجي ۽ بيانيو جوڙڻ جا طريقا تيزي سان تبديل ٿي رهيا آهن ۽ وقت سان پاڻ کي هم آهنگي ڪرڻ اڻٽر آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته عالمي سطح تي غلط معلومات کي موجوده دور جو سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏنو پيو وڃي ۽ سي پيڪ بابت جيڪا منفي مهم پکيڙي پئي وڃي اها حقيقت کان لاعلمي جو نتيجو آهي. هن چيو ته منفي پهلوئن کي سي پيڪ سان نه ٿو ڳنڍي سگهجي ۽ اها اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي ته دنيا کي هن منصوبي جي اصل حقيقت کان آگاهه ڪريون. سي پيڪ 2.0 بابت وفاقي وزير چيو ته اهو پهرين مرحلي جي ڪاميابي جو منطقي تسلسل آهي. سي پيڪ 1.0 ۾ حڪومت کان حڪومت جي معاهدن تحت گوادر پورٽ ۽ گوادر ايئرپورٽ جهڙا اهم منصوبا مڪمل ڪيا ويا، جڏهن ته سي پيڪ 2.0 ۾ بزنس ٽو بزنس تعاون وسيلي نجي شعبي ۽ صنعتڪارن کي بااختيار بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته چين جي تازي دوري دوران 8.5 ارب ڊالر جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون، جيڪي سي پيڪ 2.0 جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته سي پيڪ 2.0 جي مثبت ڪهاڻين کي اجاگر ڪرڻ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن. ان موقعي تي هن پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ تحت سي پيڪ ۽ پاڪ چين تعاون تي هڪ ڊجيٽل فيڪٽ چيڪ فورم قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي، جيڪو جعلي خبرن جي سڃاڻپ ۽ بروقت صحيح معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته ايندڙ سال، پاڪستان ۽ چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ڪندا، جيڪو ٻنهي ملڪن جي دوستي ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته هن موقعي تي صحافين، اينڪر پرسنز ۽ ڊجيٽل ميڊيا انفلوئنسر جي مٽاسٽا سميت ميڊيا تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ گهُرجي ته جيئن ڊجيٽل دنيا ۾ پاڪ چين دوستيءَ جي مضبوط عڪاسي ٿي سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان جي حڪومت ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪ چين ميڊيا تعاون کي خاص طور تي ڊجيٽل شعبي ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن ۽ سي پيڪ خلاف منفي پروپيگنڊا جو هڪ مؤثر ۽ جاندار جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪ چين دوستي مستقبل ۾ به مضبوط، پائيدار ۽ مثالي رهندي.

مزید خبریں