راولپنڊي- 23 ڊسمبر (اي پي پي) رائل بحرين نيول فورس جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل احمد محمد ابراهيم ال بن علي نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪري چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب نيول هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ويو. پاڪستان نيوي جي چست جٿي بحرين نيول فورس جي ڪمانڊر کي …
رائل بحرين نيول فورس جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل احمد محمد ابراهيم ال بن علي پاران نيول هيڊ ڪوارٽرز جو دؤرو، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات

مزید خبریں
راولپنڊي- 23 ڊسمبر (اي پي پي) رائل بحرين نيول فورس جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل احمد محمد ابراهيم ال بن علي نيول هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو ڪري چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب نيول هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ويو. پاڪستان نيوي جي چست جٿي بحرين نيول فورس جي ڪمانڊر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. بعد ۾ ريئر ايڊمرل احمد محمد ابراهيم ال بن علي شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چارهي ۽ پاڪستان نيوي جي شهيدن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، خطي جي سامونڊي سلامتيءَ جي صورتحال ۽ ٻه طرفي سامونڊي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي مختلف رُخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي طرفان پيشيوراڻن رابطن ۽ دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. هي دؤرو پاڪستان ۽ بحرين وچ ۾ مضبوط ۽ دوستاڻن ناتن جو مظهر آهي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.











