اسلام آباد - 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي لاءِ شفاف ۽ چٽاڀيٽي ٻولي جي عمل جي ڪامياب تڪميل معيشت تي بار بڻجندڙ خساري جي شڪار سرڪاري ادارن جي تيز رفتار نجڪاري ڪرڻ جي واعدي جي تڪميل ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته الحمدالله! پاڪستان …
پي آءِ اي جي نجڪاري جي ڪامياب تڪميل معيشت تي بار بڻجندڙ خساري جي شڪار سرڪاري ادارن جي تيز رفتار نجڪاري ڪرڻ جي واعدي جي تڪميل ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي لاءِ شفاف ۽ چٽاڀيٽي ٻولي جي عمل جي ڪامياب تڪميل معيشت تي بار بڻجندڙ خساري جي شڪار سرڪاري ادارن جي تيز رفتار نجڪاري ڪرڻ جي واعدي جي تڪميل ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته الحمدالله! پاڪستان جي لاءِ هي هڪ تاريخي ڏينهن آهي، عوام سان اسان جو پختو واعدو هو ته معيشت تي بار بڻجندڙ خساري جي شڪار سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي لاءِ تيز رفتار ۽ ٺوس قدم کنيا ويندا، پي آءِ اي جي نجڪاري جي لاءِ شفاف ۽ انتهائي چٽاڀيٽي ٻولي جي عمل جي ڪامياب تڪميل ان عزم جي تڪميل طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي. وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، نجڪاري واري صلاحڪار محمد علي ۽ سندس پوري ٽيم کي پي آءِ اي جي ٻولي جي عمل کي انتهائي پيشيواراڻي مهارت ۽ شفافيت سان ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته سندس سدائين کان موقف آهي ته ڀلي ڪا به ڪنسورشيم ڪامياب ٿئي، اصل فتح پاڪستان جي ٿيندي ۽ اڄ جو نتيجو ان يقين جي مڪمل تصديق ڪري ٿو. هن چيو ته ملڪ جي اهم ڪاروباري گروپس ۽ پاڪستان جي تجربيڪار ۽ معزز سيڙپڪارن جي ڀرپور شرڪت اسان جي معيشت ۽ ان جي مستقبل تي اعتماد جو هڪ مضبوط اظهار آهي. وزيراعظم چيو ته اهو هڪ جاري عمل آهي ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ عزم، محنت ۽ استقامت سان ڪوششون جاري رکيون وينديون ته جيئن قوم جي لاءِ هڪ روشن مستقبل تعمير ڪري سگهجي.










