پاڪستاني ڪارروائي جو ڀارت جي غير قانوني حملن سان ڀيٽ ڪرڻ سراسر غلط ۽ غير مناسب آهي: وفاقي وزير خواجه محمد آصف

اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي)بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته افغان - پاڪستان سرحد تي ٽي ٽي پي خوارجين جي ڪيترن ئي دهشتگرد ڪيمپن خلاف پاڪستان جي ڪارروائي جي ڀيٽ ڀارت طرفان بهاولپور ۽ مريدڪي ۾ مسجدن ۽ مدرسن تي ڪيل غير قانوني حملن سان ڪرڻ سراسر غلط ۽ غير مناسب آهي. پنهنجي بيان ۾ خواجه محمد آصف چيو ته پاڪستان جون ڪارروايون مستند انٽيليجنس …

اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي)بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته افغان – پاڪستان سرحد تي ٽي ٽي پي خوارجين جي ڪيترن ئي دهشتگرد ڪيمپن خلاف پاڪستان جي ڪارروائي جي ڀيٽ ڀارت طرفان بهاولپور ۽ مريدڪي ۾ مسجدن ۽ مدرسن تي ڪيل غير قانوني حملن سان ڪرڻ سراسر غلط ۽ غير مناسب آهي. پنهنجي بيان ۾ خواجه محمد آصف چيو ته پاڪستان جون ڪارروايون مستند انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي ڪيون ويون آهن ۽ انهن جو هدف دهشتگرد ڌُريون هونديون آهن جڏهن ته ڀارت ڄاڻي واڻي عبادتگاهن ۽ تعليمي ادارن کي نشانو بڻائي عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي ڪئي. هن چيو ته سڄي دنيا ۽ گڏيل قومن پاران افغان طالبان جي پاڇي هيٺ افغانستان ۾ پلجندڙ دهشتگردي تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري چڪا آهن، پاڪستان ۾ هر ايندڙ ڏينهن افغانستان مان داخل ٿيڻ وارن دهشتگرد تنظيمن ۽ دهشتگرد ڌُريون ان حقيقت جو واضح ثبوت آهن ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهي آهي. بچاءَ واري وزير پهلگام واقعي جو حوالو ڏيندي چيو ته ڀارت اڄ تائين ان واقعي تي ڪو قبولڻ جوڳو ثبوت پيش ناهي ڪري سگهيو جڏهن ته پاڪستان نه صرف شفاف ۽ غير جانبدار جاچ جي آڇ ڪئي پر عالمي برادري آڏو پنهنجو مؤقف کُليل دل سان رکيو. گڏيل قومن طرفان جاري رپورٽ به ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته ڀارتي اڳرائي غير قانوني، بي بنياد ۽ بنا سبب هئي جڏهن ته پاڪستان جو دفاعي ردِعمل مڪمل طور تي جائز ۽ عالمي قانونن موجب هو. خواجه محمد آصف وڌيڪ چيو ته ڀارت ۽ ان جي پراڪسي خوارجين ۽ انهن جي سهولتڪارن بابت سمورن شڪ شبهن کي پاڪستان اڳ به ختم ڪيو هو ۽ اڄ به الحمدلله رياست هر محاذ تي مڪمل طور تي چؤڪس ۽ مضبوط آهي.

مزید خبریں