اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رائل بحرين نيول فورس جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل احمد محمد ابراهيم ال بن علي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي اجاگر ڪيو ۽ سمورن شعبن ۾ بحرين لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو اظهار ڪيو. ملاقات …
بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رائل بحرين نيول فورس جي ڪمانڊر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان رائل بحرين نيول فورس جي ڪمانڊر ريئر ايڊمرل احمد محمد ابراهيم ال بن علي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي اجاگر ڪيو ۽ سمورن شعبن ۾ بحرين لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي اهم شعبن ۽ گڏيل سهڪار کي وڌائڻ جون راهون تلاش ڪيون ويون. ٻنهي ڌُرين پائيدار ٻه طرفن ناتن لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌُرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ جاري سهڪار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل فائديمند شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو.










