اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ٽيلي ميڊيس سسٽم صحت جي شعبي ۾ خاموش انقلاب آهي، اسلام آباد ۾ 6 جنوريءَ تي منصوبي جي باقائده شروعات ٿيندي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسان جي نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ سياسي جلسن جيان رش آهي. اسپتالن ۾ رش سبب پرائمري ۽ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر سسٽم جي کوٽ …
ٽيلي ميڊيس سسٽم صحت جي شعبي ۾ خاموش انقلاب آهي: صحت وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ٽيلي ميڊيس سسٽم صحت جي شعبي ۾ خاموش انقلاب آهي، اسلام آباد ۾ 6 جنوريءَ تي منصوبي جي باقائده شروعات ٿيندي. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسان جي نجي ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ سياسي جلسن جيان رش آهي. اسپتالن ۾ رش سبب پرائمري ۽ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر سسٽم جي کوٽ آهي. هن چيو ته پرائمري هيلٿ سسٽم جو متبادل ٽيلي ميڊيسن سسٽم آهي. ٽيلي ميڊيسن سسٽم وفاقي بنيادي صحت مرڪزن ۾ شروع ڪيو پيو وڃي. ايم او يو تحت صحت ڪهاڻي ادارو ڊجيٽل صحت سهولتون فراهم ڪندو. هن چيو ته وڏين اسپتالن جي 70 سيڪڙو مريضن کي بنيادي صحت مرڪزن ڏانهن وڃڻ گهرجي. اسان اسلام آباد جي 6 ۽ ڪراچيءَ جي 4 ماڳن تي ٽيلي ميڊيسن سسٽم قائم ڪنداسين. مريضن کي آن لائين ڪئميرا تي 3 جنرل فزيشن هر وقت ڏسي رهيا هوندا. 7 هنڌن تي 18 ڊاڪٽر آن لائن موجود هوندا. آن لائن دوا جي پرچي جاري ٿيندي. مريض کي اُتان ئي دوا فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته ڊاڪٽرن جو وڏو انگ خاص ڪري عورت ڊاڪٽرز پريڪٽس ناهن ڪنديون، اهي گهر ويهي مريضن جو علاج ڪنديون. 6 مهينا پهرين اسان اهو خواب ڏٺو هو، هي پهريون قدم آهي. 6 جنوريءَ تي پهرين بي ايڇ يو جو افتتاح ڪيو ويندو، ان کان پوءِ هر هفتي هڪ بي ايڇ يو جو افتتاح ٿيندو.










