ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي، خشڪ ۽ اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي رهندي: موسميات کاتو

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي رهندي، جڏهن ته پنجاب جي اڪثر ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ جي علائقن ۾ وچولو ڪوهيڙو ڇائنيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪشمير، پوٺوهار خطي، اسلام آباد، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ …

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ جڏهن ته اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي رهندي، جڏهن ته پنجاب جي اڪثر ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ جي علائقن ۾ وچولو ڪوهيڙو ڇائنيل رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪشمير، پوٺوهار خطي، اسلام آباد، مٿانهين خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ جبلن تي برفباري ٿي. ملڪ جي ٻين علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي. پنجاب ۽ مٿانهين سنڌ جي علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇائنيل رهيو. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 08، گوپس ۾ ڪاٽو 04، ڪالام، ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 03، قلات ۾ ڪاٽو 02 ۽ مالم جبه ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

مزید خبریں