نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تسلسل جي حڪمت عملي جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

اسلام آباد - 23 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تسلسل جي حڪمت عملي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو. ان موقعي تي واپار واري سيڪريٽري تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ڪميٽي کي انهن قدمن کان آگاهه ڪيو جيڪي حڪومت يورپي يونين پاران جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تسلسل جي لاءِ مقرر معيار …

اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تسلسل جي حڪمت عملي جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس ٿيو. ان موقعي تي واپار واري سيڪريٽري تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ڪميٽي کي انهن قدمن کان آگاهه ڪيو جيڪي حڪومت يورپي يونين پاران جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تسلسل جي لاءِ مقرر معيار تي پورو لهڻ جي لاءِ کنيا آهن. هن يورپي يونين جي ريويو مشن جي تازي پاڪستان جي دوري بابت تفصيل پڻ شيئر ڪيا. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ايس پي پلس جي معيار تي پورو لهڻ جي لاءِ ڏنل ذميوارين جي حوالي سان سمورن وفاقي ۽ صوبائي ادارن کان عملدرآمد جي صورتحال طلب ڪئي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس جي تسلسل جي لاءِ حڪومتي پاليسين تي جيئن جو تيئن ۽ قانون جي روح موجب عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ قانون ۽ واپار وارن وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي، واپار، انساني حقن، قانون، موسمياتي تبديلي ۽ سمنڊ پار پاڪستانين وارن سيڪريٽرين سميت وفاقي ۽ صوبائي ادارن جي سربراهن ۽ سينيئر سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ پاڪستاني سفارتخاني برسلز زوم جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.

مزید خبریں