معاشي استحڪام لاءِ ڊگهي مدي واري پاليسي منصوبابندي اڻٽر آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ ڊگهي مدي واري پاليسي منصوبا بندي اڻٽر آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ سهولتن ۽ مراعتن ۾ توسيع حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙو اظهار هن لٿوانيا جي اعزازي قونصلر جنرل مسعود خان سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ پي ٽي وي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر رشيد …

اسلام آباد- 23 ڊسمبر (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ ڊگهي مدي واري پاليسي منصوبا بندي اڻٽر آهي، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ سهولتن ۽ مراعتن ۾ توسيع حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙو اظهار هن لٿوانيا جي اعزازي قونصلر جنرل مسعود خان سان ملاقات ۾ ڪيو. ملاقات ۾ پي ٽي وي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر رشيد خان نيازي به شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ ملڪي معاشي منظرنامي ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي وسيع موقعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. مهمانن وفاقي وزير طرفان سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. وفاقي وزير چيو ته لٿوانيا جي روانگي واپار تي ٻڌل ترقي هڪ ڪامياب ماڊل آهي ۽ ان حوالي سان تجربن مان فائدو کڻڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ روانگي واپار تي ٻڌل اوسر جي ضرورت آهي، سيڙپڪاري، صنعتي ترقي ۽ روزگار جا موقعا وڌائڻ لاءِ نجي شعبي کي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ملاقات ۾ خاص اقتصادي زونز تي به ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته بزنس فيسيليٽيشن سينٽر ۽ آسان ڪاروبار ايڪٽ سيڙپڪار دوست قدم آهن. هن چيو ته پاڪستان جي معاشي استحڪام لاءِ ڊگهي مدي واري پاليسي منصوبا بندي اڻٽر آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ سيڙپڪاري دوست سڌارن جو تسلسل جاري آهي، سيڙپڪاري بورڊ سيڙپڪارن جي مڪمل سهولتڪاري لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں