ڍاڪا- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران بنگلا ديش، نئين دهلي ۽ تريپوره ۾ بنگلاديشي هائي ڪميشن، قونصلر ۽ ويزا خدمتن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارت جي گادي واري شهر نئين دهلي ۾ قائم بنگلاديش هائي ڪميشن، سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي سموريون قونصلر ۽ ويزا خدمتون ايندڙ حڪمن تائين معطل ڪري ڇڏيون آهن. هائي ڪميشن طرفان …
بنگلاديش ۽ ڀارت وچ ۾ سفارتي لاڳاپا ڇڪتاڻ سبب معطل

مزید خبریں
ڍاڪا- 23 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ دوران بنگلا ديش، نئين دهلي ۽ تريپوره ۾ بنگلاديشي هائي ڪميشن، قونصلر ۽ ويزا خدمتن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارت جي گادي واري شهر نئين دهلي ۾ قائم بنگلاديش هائي ڪميشن، سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي سموريون قونصلر ۽ ويزا خدمتون ايندڙ حڪمن تائين معطل ڪري ڇڏيون آهن. هائي ڪميشن طرفان سينوٽيس بورڊ تي جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اڻٽر حالتن سبب اهي خدمتون عارضي طور تي بند ڪيون پيون وڃن. بنگلاديشي ميڊيا مطابق اهي قدم نئين دهلي ۾ بنگلاديشي مشن جي ٻاهران ڀارتي مظاهرين جي شديد احتجاج ۽ بنگلاديشي پرڏيهي صلاحڪار توحيد حسين مطابق ظاهرين طرفان هائي ڪميشنر رياض حميد الله کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جي ٻن ڏينهن کانپوءِ ڪيو ويو آهي. ڀارتي رياست تريپوره ۾ به بنگلاديش جي اسسٽنٽ هائي ڪميشن، مشن جي ٻاهران انتهاپسند هندوپرستن جي شديد مظاهرن کانپوءِ ويزا سروس معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.









