صدر آصف علي زرداري پاران ڪرڪ ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگرد حملي جي مذمت

اسلام آباد - 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرڪ ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن جي پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي دفاع ۽ امن امان جي لاءِ …

اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪرڪ ۾ پوليس موبائيل تي دهشتگرد حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي حملي ۾ پوليس اهلڪارن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر شهيدن جي پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ملڪ جي دفاع ۽ امن امان جي لاءِ پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ملڪ جي حفاظت جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.

مزید خبریں