واشنگٽن _19 ڊسمبر(اي پي پي) آمريڪي حڪومت نيٽو کي اٽڪل 136.1 ملين آمريڪي ڊالرن جي ماليت جي فوجي سامان جي امڪاني وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد اسٽنگر ميزائلن جي سروس لائف ۾ واڌ ڪرڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي دفاعي سيڪيورٽي تعاون ايجنسي (ڊي ايس سي اي) مطابق نيٽو سپورٽ اينڊ پروڪيورمنٽ ايجنسي اسٽنگر ميزائل پروگرام تحت اضافي بوسٽر پليٽس، فلائٽ موٽرز، گيس جنريٽر ڪارتوس، اسٽنگر …
آمريڪي پاران نيٽو کي 136 ملين ڊالرن جي امڪاني فوجي سامان جي وڪري جي منظوري

مزید خبریں
واشنگٽن _19 ڊسمبر(اي پي پي) آمريڪي حڪومت نيٽو کي اٽڪل 136.1 ملين آمريڪي ڊالرن جي ماليت جي فوجي سامان جي امڪاني وڪري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جو مقصد اسٽنگر ميزائلن جي سروس لائف ۾ واڌ ڪرڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي دفاعي سيڪيورٽي تعاون ايجنسي (ڊي ايس سي اي) مطابق نيٽو سپورٽ اينڊ پروڪيورمنٽ ايجنسي اسٽنگر ميزائل پروگرام تحت اضافي بوسٽر پليٽس، فلائٽ موٽرز، گيس جنريٽر ڪارتوس، اسٽنگر وارهيڊ جا حصا ۽ آمريڪي حڪومت ۽ ڪنٽريڪٽرز جون انجنيئرنگ ۽ فني خدمتون خريد ڪرڻ جي درخواست ڏني هئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل وڪري جي منظوري آمريڪا ۽ نيٽو جي دفاعي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي جنهن سان نيٽو اتحادين جي تياري جي صلاحيت ۾ اضافو ۽ فضائي دفاعي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهندو. بيان مطابق جرمني، اٽلي ۽ نيدرلينڊز کي ان سامان کي پنهنجي هٿياربند فوج ۾ شامل ڪرڻ ۾ ڪنهن قسم جي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو نه پوندو. اين ايس پي اي ، جيڪا نيٽو طرفان گهڻ قومي خريداري ۾ سهڪار ۽ پائيداري جي ذميوار مرڪزي تنظيم آهي، اها جرمني، اٽلي ۽ نيدرلينڊ طرفان اسٽنگر سروس لائف ايڪسٽينشن پروگرام جو انتظام ڪري رهي آهي. واضح رهي ته اسٽنگر ميزائل هڪ هلڪو ۽ خودڪار فضائي دفاعي نظام آهي، جنهن کي زميني فوجي دستا فوري طور تي استعمال ڪري سگهن ٿا. اهو ميزائل آمريڪي دفاعي ڪمپني تيار ڪندي آهي.









