ماسڪو - 18 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي شھر روستوف اون ڊان ۾ گذريل ڏينھن جي صبح ھڪ ڊرون حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي ويا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق گورنريوري سليوسار پنھنجي ٽيليگرام چينل تي ان واقعي جا تفصيل فراھم ڪندي ٻڌايو ته حملي ۾ ھڪ مال بردار جھاز کي نشاڻو بڻايو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه ماڻھو مارجي ويا ۽ 3 زخمي …
روس جي شھر روستوف ۾ ڊرون حملو، 3 ڄڻا مارجي ويا، 9 زخمي

مزید خبریں
ماسڪو – 18 ڊسمبر (اي پي پي) روس جي شھر روستوف اون ڊان ۾ گذريل ڏينھن جي صبح ھڪ ڊرون حملي ۾ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي ويا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق گورنريوري سليوسار پنھنجي ٽيليگرام چينل تي ان واقعي جا تفصيل فراھم ڪندي ٻڌايو ته حملي ۾ ھڪ مال بردار جھاز کي نشاڻو بڻايو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ٻه ماڻھو مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي ويا. ھن وڌيڪ ٻڌايو ته شھر جي ھڪ علائقي بتيسڪ تي به حملو ڪيو ويو، جتي ٻن گھرن ۾ باھه لڳي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ماڻھو فوت ۽ ڇھه زخمي ٿي ويا. روس جي دفاع واري وزارت مطابق، گذريل رات روسي حدون ۾ 77 ڊرونز کي ناڪام بڻايو ويو ۽ انھن کي تباھه ڪيو ويو. اھو حملو روس ۾ ڊرونز جي استعمال ۾ اضافي جي نشاندھي ڪري ٿو، جيڪو شھري علائقن کي به متاثر ڪري رھيو آھي. ان واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي وڌائي وئي آھي، جڏھن ته ان نوعيت جي حملن ۾ وڌيڪ شدت جو امڪان ظاھر ڪيو پيو وڃي.









