نيويارڪ-18 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي غير سرڪاري تنظيم ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس فلسطيني فري لانس صحافي سميع الصائي مطابق ان سان گڏ اسرائيل جي ميگذوجيل ۾ قيد دوران تشدد ۽ جنسي زيادتي جي شديد مذمت ڪئي وئي آهي . عرب ميڊيا نيوز مطابق سميع الصائي جيڪو قطري نشرياتي اداري الجزيره مباشر ۽ مقامي چينل الفجر ٽي وي لاءِ رپورٽنگ ڪري چڪو آهي . رام الله ۾ فلسطيني سينٽر …
آمريڪي تنظيم ” ڪميٽي ٽو پروجيڪٽ جرنلسٽس “ طرفان اسرائيلي جيل ۾ فلسطيني صحافي تي مبينه تشدد ۽ زيادتي جي مذمت

مزید خبریں
نيويارڪ-18 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي غير سرڪاري تنظيم ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس فلسطيني فري لانس صحافي سميع الصائي مطابق ان سان گڏ اسرائيل جي ميگذوجيل ۾ قيد دوران تشدد ۽ جنسي زيادتي جي شديد مذمت ڪئي وئي آهي . عرب ميڊيا نيوز مطابق سميع الصائي جيڪو قطري نشرياتي اداري الجزيره مباشر ۽ مقامي چينل الفجر ٽي وي لاءِ رپورٽنگ ڪري چڪو آهي . رام الله ۾ فلسطيني سينٽر فارڊيولپمنٽ اينڊ ميڊيا فريڊمز جي اهتمام هيٺ هڪ عوامي فورم ۾ پنهنجي داستان پيش ڪئي . کيس هلندڙ سال جون ۾ جيل مان آزاد ڪيو ويو هو . پنهنجي گواهي ۾ سميع الصائي ٻڌايو ته اسرائيلي اختيارين کيس 23 فيبروري 2024ع تي والاريل اولهه ڪناري مان گرفتار ڪيو ويو ۽ انتظامي حراست ۾ رکيو ويو . انتظامي حراست هڪ اهڙي پاليسي آهي جنهن تحت شڪي ماڻهن کي بنا ڪنهن باضابط الزام يا شاهدين تائين پهچڻ کانسوءِ قيد ۾ رکيو ويندو آهي . اختيارين دعوى ڪئي ته هو قومي سلامتي لاءِ خطرو آهي . ميگڊو جيل ۾ قيد دوران هن شديد بدسلوڪي کي منهن ڏيڻ جي تفصيل بيان ڪئي . جنهن ۾ مارڪٽ ، اکين تي پٽي ٻڌڻ ، هٿن ۾ هٿڪڙيون لڳائڻ ۽ تذليل شامل آهي . هن گواهي ڏني ته جيل اهلڪارن ان تي جنسي حملا به ڪيا . هن وڌيڪ چيو ته اهي الزام بدسلوڪي جي هڪ منظم ۽ خطرناڪ سلسلي جي نشاندهي ڪن ٿا ۽ فوري آزاد جاچ ، مڪمل شفافيت ۽ ذميوارن جي احتساب جو مطالبو ڪيو.





