واشنگٽن -18 ڊسمبر(اي پي پي ) آمريڪا روس کان تيل جي وڪري جي اجازت 18 جون 2026ع تائين وڌائي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا روس جي سخالين- 2 توانائي منصوبي مان تيل جي وڪري لاءِ ڏنل خاص اجازت ۾ توسيع ڪندي ان کي 18 جون 2026ع تائين وڌائي ڇڏيو آهي . آمريڪا جي ناڻي واري وزير ان عرصي دوران هڪ ٻي ڇوٽ ۾ به توسيع ڪئي آهي جنهن تحت گيز …
آمريڪا روس کان تيل جي وڪري جي اجازت 18 جون 2026ع تائين وڌائي ڇڏي

مزید خبریں
واشنگٽن -18 ڊسمبر(اي پي پي ) آمريڪا روس کان تيل جي وڪري جي اجازت 18 جون 2026ع تائين وڌائي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا روس جي سخالين- 2 توانائي منصوبي مان تيل جي وڪري لاءِ ڏنل خاص اجازت ۾ توسيع ڪندي ان کي 18 جون 2026ع تائين وڌائي ڇڏيو آهي . آمريڪا جي ناڻي واري وزير ان عرصي دوران هڪ ٻي ڇوٽ ۾ به توسيع ڪئي آهي جنهن تحت گيز پروم بينڪ سميت روسي بينڪن سان گڏ سول نيو ڪليئر توانائي بابت ڏي وٺ جي اجازت ڏني وئي آهي. واضح رهي ته سخالين- 2 منصوبن ۾ جاپاني ڪمپنيون مستوئي ۽ متسوبشي شيئر هولڊرز طور شامل آهن، جڏهن ته ان منصوبي سان گيس جي وڌيڪ فراهمي جي معاهدا 2028ع کان 2033ع جي وچ ۾ ختم ٿيندا . ان فيصلي جي نتيجي ۾ ان منصوبي سان قدرتي گيس (ايل اين جي) جي پيداوار ۽ فراهمي جاري رهڻ جو امڪان آهي. اهو فيصلو اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا واپاري ڳالهين دوران چين ، ڀارت ۽ جاپان تي روسي تيل ۽ ايل اين جي جي خريداري گهٽ ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو آهي.






