لنڊن -18 ڊسمبر (اي پي پي) انگلينڊ سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽرن پنجن ڏينهن لاءِ هڙتال جي شروعات ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها هڙتال جو سبب ڊاڪٽرن کي ملندڙ گهٽ پگهار ۽ خراب حالتن آهن. ڊاڪٽرن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي رويي سبب حالتون خراب ٿي رهيون هيون . ڊاڪٽرن موجب اسپتالن ۾ رهندڙ جونيئر ڊاڪٽرن طرفان واڪ آئوٽ جي نالي سان احتجاج جو هي سلسلو، احتجاجي …
انگلينڊ ۾ ڊاڪٽرن پاران 5 ڏينهن جي هڙتال شروع

مزید خبریں
لنڊن -18 ڊسمبر (اي پي پي) انگلينڊ سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽرن پنجن ڏينهن لاءِ هڙتال جي شروعات ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب اها هڙتال جو سبب ڊاڪٽرن کي ملندڙ گهٽ پگهار ۽ خراب حالتن آهن. ڊاڪٽرن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته حڪومت جي رويي سبب حالتون خراب ٿي رهيون هيون . ڊاڪٽرن موجب اسپتالن ۾ رهندڙ جونيئر ڊاڪٽرن طرفان واڪ آئوٽ جي نالي سان احتجاج جو هي سلسلو، احتجاجي سيريز جو تازو واقعو آهي. ٻئي پاسي حڪومت جو چوڻ آهي ته، حڪومت ڊاڪٽرن کي ملندڙ موجوده پگهارن ۾ وڌيڪ ڪو اضافو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. صحت واري وزير چيو ته اهڙي طرح هڙتالن جو اعلان ڪرڻ غير ذميواري ۽ پاڻ کي خطرن جي ور چاڙهڻ واري ڳالهه آهي. صحت بابت سهولتون اڳ کان گهٽ آهن جڏهن ته ان هڙتال سان هيلٿ ڪيئر سروسز تي وڌيڪ دٻاءَ ايندو.






