عراق لاءِ 35 سال جي وقفي کان پوءِ يورپي ملڪن مان اڏامن جي شروعات

بغداد-17 ڊسمبر(اي پي پي ) عراق لاءِ 35 سالن جي وقفي کانپوءِ يورپي ملڪن مان اڏامون هلائڻ  ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عراق جي وزارت ٽرانسپورٽ ٻڌايو ته يورپي ملڪن يونان کان اڳ اڏامون بغداد جي بين الاقوامي ايئر پورٽ تي لينڊ ڪيون آهن. ٽرانسپورٽ واري وزارت موجب 35 سالن کان پوءِ ائين ٿيو آهي ته يورپي ملڪ جو مسافر جهاز مسافرن کي کڻي عراق پهتو آهي. …

بغداد-17 ڊسمبر(اي پي پي ) عراق لاءِ 35 سالن جي وقفي کانپوءِ يورپي ملڪن مان اڏامون هلائڻ  ڪرڻ جي شروعات ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب عراق جي وزارت ٽرانسپورٽ ٻڌايو ته يورپي ملڪن يونان کان اڳ اڏامون بغداد جي بين الاقوامي ايئر پورٽ تي لينڊ ڪيون آهن. ٽرانسپورٽ واري وزارت موجب 35 سالن کان پوءِ ائين ٿيو آهي ته يورپي ملڪ جو مسافر جهاز مسافرن کي کڻي عراق پهتو آهي. بيان موجب يورپي ملڪ يونان جي ان اڏام جي آمد سان اهو واضح ٿئي ٿو ته عراق جو سول ايوي ايشن جو شعبو بحالي جي مرحلي ۾ آهي. ياد رهي ته 1990 کان يورپين هوائي ڪمپنين عراق لاءِ پنهنجون اڏامون روڪي ڇڏيون هيون، اهو پرڏيهي ملڪن جون اڏامون روڪڻ جو واقعو ڪويت تي عراقي حملي کانپوءِ سامهون آيو هيو. جڏهن ته آمريڪا ۽ ان جي يورپي اتحادين عراق تي حملو ڪري 2003ع ۾ عراق جي صدر صدام حسين جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو هو،  جنهن کان پوءِ عراق ۾ گهرو ويڙهه جو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ انتها پسند گروهه سامهون اچي ويا . ڪيترن ئي سالن کان پوءِ عراق ۾ ٻيهر استحڪام جو ماحول اچڻ لڳو آهي . عراقي حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن کي عراق ۾ سيڙپڪاري لاءِ قائل ڪري رهي آهي ته جئين ملڪي معيشت بهتر ٿي سگهي . عراق جي ٽرانسپورٽ واري وزارت ٻڌايو ته عراق ۽ ايٿنز وچ ۾ هوائي اڏامن جو شروع ٿيندڙ اهو سلسلو شروعاتي طور تي هڪ هفتي ۾ ٻن اڏامن جي اچ وڃ سان ٿيندو ۽ مسافرن جي انگ موجب ان ۾ اضافو يا گهٽتائي ٿي سگهندي. هن ئي سال شروع ۾ يونان اتر ڪردستان جي خودمختيار علائقي ۾ پنهنجي اڏامن جي شروعات ڪئي هئي.

مزید خبریں