امدادي فنڊن جي گهٽتائي سبب افغانستان ۾ ڏڪار جو بحران وڌيڪ سنگين ٿيڻ جو خدشو آهي: گڏيل قومون

گڏيل قومون-17 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي عالمي غذائي پروگرام (ڊبليو ايف پي) چيو آهي ته پهريون ڀيرو ڏڪار جو شڪار لکين افغانين کي بهتر امداد فراهم نه ٿي رهي آهي، سياري جي موسم ۾ ٻارن جي فوتگين ۾ اضافي جو خدشو آهي. پرڏيهي ميديا موجب جنگ سبب تباهه ٿيل افغانستان کي ڏنل عالمي امداد ۾ 2021ع کان پوءِ نمايان گهٽتائي آئي آهي، جڏهن آمريڪي قيادت ۾ فوج …

گڏيل قومون-17 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي عالمي غذائي پروگرام (ڊبليو ايف پي) چيو آهي ته پهريون ڀيرو ڏڪار جو شڪار لکين افغانين کي بهتر امداد فراهم نه ٿي رهي آهي، سياري جي موسم ۾ ٻارن جي فوتگين ۾ اضافي جو خدشو آهي. پرڏيهي ميديا موجب جنگ سبب تباهه ٿيل افغانستان کي ڏنل عالمي امداد ۾ 2021ع کان پوءِ نمايان گهٽتائي آئي آهي، جڏهن آمريڪي قيادت ۾ فوج ملڪ ڇڏيو ۽ طالبان ٻيهر اقتدار ۾ آيا. ان بحران کي زلزلن سميت ڪيترن ئي قدرتي آفتن وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو. ورلڊ فوڊ پروگرام جي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ اهو پهريون ڀيرو ڊبليو ايف پي نه رڳو سياري جي موسم لاءِ ڪو وڏو امدادي پروگرام شروع ڪري سگهي ٿو ۽ نه ئي سڄي ملڪ ۾ هنگامي ۽ غذائي اماداد ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. اداري وڌيڪ چيو ته 60 لک انتهائي ڪمزور افغانين کي خوراڪ جي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ان کي 460 ملين ڊالر کان به وڌيڪ رقم گهربل آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن ۾ غذائي کوٽ ڪيترن ئي ڏهاڪن جي بلند ترين سطح تي پهچي چڪيون آهن ۽ بنيادي خدمتون  فراهم ڪندڙ ادارن لاءِ عالمي فنڊنگ ۾ غير معمولي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن سبب علاج تائين پهچ ۾ ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندي پئي وڃي. پرڏيهي ميديا موجب افغانستان جي شديد ٿڌي موسم ۾ جڏهن خوراڪ جي گهٽتائي هوندي آهي، ٻارن جي فوتگين ۾ اضافي جو امڪان وڌي ويندو آهي. ڊبليو ايف پي جو اندازو آهي ته هڪ ڪروڙ 70 لک ماڻهو ڏڪار جو شڪار آهن. جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 30 لک وڌيڪ آهن، ان اضافي جو هڪ سبب پاڙيسري ملڪن ايران ۽ پاڪستان مان لکين افغانين جي نيڪالي آهي، جتي پناهگيرن کي واپس موڪلڻ جا پروگرام جاري آهن.

مزید خبریں