آمريڪي فوج جي نئين سر جوڙجڪ جي منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيوآهي: پيناگون

واشنگٽن _ 17 ڊسمبر (اي پي پي ) آمريڪي عملدارن فوج جي نئين سر جوڙجڪ جي منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق فوج جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست پينٽاگون جي سربراهه پيٽ هيگسٿ ڪئي آهي ته جيئن فوج جي فوراسٽار جرنيلن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ عالمي ڪمانڊر سينٽرز کي مضبوط بڻائي سگهجي. ذريعن موجب جيڪڏهن ان تجويز تي عمل ڪيو ويو ته اها آمريڪي …

واشنگٽن _ 17 ڊسمبر (اي پي پي ) آمريڪي عملدارن فوج جي نئين سر جوڙجڪ جي منصوبي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق فوج جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست پينٽاگون جي سربراهه پيٽ هيگسٿ ڪئي آهي ته جيئن فوج جي فوراسٽار جرنيلن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي ۽ عالمي ڪمانڊر سينٽرز کي مضبوط بڻائي سگهجي. ذريعن موجب جيڪڏهن ان تجويز تي عمل ڪيو ويو ته اها آمريڪي فوج جي اعلى قيادت ۾ وڏين تبديلي  جو  سبب بڻجندي جيڪا ڪيترن ڏهاڪن کان پوءِ ٿيندي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا جي جوائنٽ چيف چيئرمين ڊين ڪيني کان اميد  ڪئي پئي وڃي ته هو پينٽاگون سربراهه کي ان سلسلي ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ منصوبو پيش ڪندو، جنهن تي اعلى ترين فوجي عهديدار غور ڪندا. ان تبديلي جي نتيجي ۾ آمريڪي فوج جي جرنلن ۽ بحريه جي ايڊمرلز ۾ به گهٽتائي ايندي . ان تجويز جي منظوري پينٽاگون جو سربراهه پيگسٿ ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٻئي ڏيندا. ڊسمبر جي شروع ۾ ٽرمپ انتظاميه هڪ نئين قومي اسٽريٽجي جو به اعلان ڪيو هو  جيڪا آمريڪا جي پهرين واري پالسيسي کان واضع طورتي مختلف آهي . ان پاليسي تحت آمريڪا انتظاميه جو چوڻ آهي ته اسان اهڙا قدم کڻي رهيا آهيون جيڪي آمريڪا سڀ کان پهريان ، جي زمري ۾ اچن ٿا.

مزید خبریں