منيلا-17 ڊسمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ فجي ۾ سامونڊي ڪناري جي تحفظ لاءِ 16.7 ملين ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ (اي ڊي بي) اربع ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ته فجي ۾ سامونڊي ڪناري جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ 67 لک آمريڪي ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن جو مقصد طوفاني لهرن، سمنڊ جي …
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران فجي ۾ سامونڊي ڪناري جي تحفظ لاءِ 16.7 ملين ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري

مزید خبریں
منيلا-17 ڊسمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ فجي ۾ سامونڊي ڪناري جي تحفظ لاءِ 16.7 ملين ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ (اي ڊي بي) اربع ڏينهن جاري بيان ۾ چيو ته فجي ۾ سامونڊي ڪناري جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ ڪروڙ 67 لک آمريڪي ڊالرن جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن جو مقصد طوفاني لهرن، سمنڊ جي سطح ۾ اضافو ۽ سامونڊي ڪناري تي آبادين جو تحفظ آهي. منيلا ۾ قائم بئنڪ جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ان گرانٽ مان هڪ اهڙي منصوبي کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي جنهن تحت سامونڊي ڪناري واري آبادي کي شديد موسمي حالتن کان بچائڻ لاءِ قدم استعمال ۾ آندا ويندا. اي ڊي بي حڪومتي ڪاٿن جو حوالو ڏيندي چيو ته صرف سامونڊي طوفان ۽ ٻوڏ ئي فجي ۾ مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي 5.8 سيڪڙو جي برابر ساليانو نقصان جو سبب بڻجن ٿا.






