واشنگٽن-17 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ تيار ٿيل پهريون جنگي سامونڊي جهاز جلال الملڪ سعود سعودي رائل نيوي جي حوالي ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي آمريڪي گڏيل منصوبي طويق تحت آمريڪي ڪمپني سعودي نيوي لاءِ 4 ملٽي مشن جنگي سامونڊي جهاز تيار ڪندي، آمريڪي رياست وسڪونس ۾ پهرئين جنگي جهاز جي حوالگي جي تقريب ۾ رائل نيول فورسز جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل محمي الغريبي سعودي نيوي …
آمريڪا ۾ تيار ٿيل پهريون جنگي سامونڊي جهاز جلال الملڪ سعود سعودي بحريه جي حوالي

مزید خبریں
واشنگٽن-17 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا ۾ تيار ٿيل پهريون جنگي سامونڊي جهاز جلال الملڪ سعود سعودي رائل نيوي جي حوالي ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي آمريڪي گڏيل منصوبي طويق تحت آمريڪي ڪمپني سعودي نيوي لاءِ 4 ملٽي مشن جنگي سامونڊي جهاز تيار ڪندي، آمريڪي رياست وسڪونس ۾ پهرئين جنگي جهاز جي حوالگي جي تقريب ۾ رائل نيول فورسز جي چيف آف اسٽاف ليفٽيننٽ جنرل محمي الغريبي سعودي نيوي جي وفد جي سربراهي ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي چيف آف نيول اسٽاف مملڪت جي اعليٰ قيادت طرفان ڀرپور تعاون کي ساراهيو جيڪو هٿياربند فوج ۽ شاهي بحريه کي حاصل آهي جنهن سبب ترقي جو سفر جاري آهي. هن چيو ته طويق پراجيڪٽ رائل نيوي جي ترقي جي حوالي سان انتهائي اهم آهي جنهن تحت مملڪت جي ڀرپور ڌيان بحريه طرف آهي. طويق پراجيڪٽ جي حوالي سان هن ٻڌايو ته منصوبي تحت جبيل ۾ ڪنگ عبدالعزيز نيول بيس جي توسيع، مينٽيننس ۽ ٽريننگ سينٽر کانسواءِ بحريه جي حوالي سان ترقياتي معاملا شامل آهن. واضح رهي ته سعودي آمريڪي گڏيل منصوبي طويق تحت ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ فني معاملن سان گڏوگڏ نيول صنعت کي قومي سطح تي آڻڻ شامل آهي، جيڪو نيشنل اٿارٽي فار ملٽري انڊسٽري جي تعاون سان انجام ڏنا ويندا.






