واشنگٽن -16 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بي بي سي خلاف هڪ دستاويزي پروگرام ۾ مبينه طور تي سندس تقريب م تبديلي ڪرڻ تي گهٽ ۾ گهٽ 10 ارب ڊالر ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ڪيس ميامي جي وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي خلاف هتڪ عزت ۽ غير منصفاڻي واپاري طريقيڪار بابت …
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بي بي سي خلاف 10 ارب ڊالر ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي

مزید خبریں
واشنگٽن -16 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بي بي سي خلاف هڪ دستاويزي پروگرام ۾ مبينه طور تي سندس تقريب م تبديلي ڪرڻ تي گهٽ ۾ گهٽ 10 ارب ڊالر ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو ڪيس ميامي جي وفاقي عدالت ۾ داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي خلاف هتڪ عزت ۽ غير منصفاڻي واپاري طريقيڪار بابت فلوريڊا جي قانون جي ڀڃڪڙي تحت ٻه الزام لڳايا اهن، جن ۾ هر الزام تي گهٽ ۾ گهٽ 5 ارب ڊالر ڏنڊ جو مطالبو ڪيو آهي. آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته بي بي سي سندس 6 جنوري 2021ع جي تقرير جي حصن کي ايڊيٽنگ کان پوءِ ان انداز ۾ پيش ڪيو ته ظاهري طور هو پنهنجي حامين کي آمريڪي ڪانگريس جي عمارت تي حملي لاءِ اڪسائي رهيو هو، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. اهو دستاويزي پروگرام گذريل سال 2024ع جي صدارتي چونڊن کان اڳ بي بي سي جي مشهور پروگرام پينوراما ۾ نشر ڪيو ويو هو.






