ماسڪو- 16 ڊسمبر (اي پي پي) روس ايران ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان گڏوگڏ اولهه ملڪن سان لاڳاپن ۾ پيدا ٿيندڙ بحران جي حل لاءِ ايران جي ڪوششن جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ايراني ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ماسڪو ان بحران مان نڪرڻ لاءِ ايران جي قدمن جي مڪمل تعاون لاءِ تيار …
روس، ايران ۽ آءِ اي اي اي وچ ۾ بحران کي حل ڪرڻ جو حامي

مزید خبریں
ماسڪو- 16 ڊسمبر (اي پي پي) روس ايران ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان گڏوگڏ اولهه ملڪن سان لاڳاپن ۾ پيدا ٿيندڙ بحران جي حل لاءِ ايران جي ڪوششن جي حمايت جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف ايراني ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ماسڪو ان بحران مان نڪرڻ لاءِ ايران جي قدمن جي مڪمل تعاون لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته عالمي قانون کي ڪمزور ڪيو ويو آهي ۽ ايراني ايٽمي معاهدي کي نقصان پهچايو ويو آهي، جڏهن ته ان معاهدي جي توثيق گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل جي قراردادن ذريعي ڪئي وئي هئي، انهن تي عملدرآمد سمورين ڌرين تي گڏيل قومن جي چارٽر تحت لازم آهي. روسي پرڏيهي وزير ٻڌايو ته روس ۽ ايران وچ ۾ موجوده صورتحال تي مختلف سطح تي جنهن ۾ صدارتي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي، انهن ڳالهين ۾ آءِ اي اي اي ۽ اولهه ملڪن سان لاڳاپن جي بحالي جي طريقن تي به خيالن جي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته حتمي فيصلو ايران جي قيادت ئي ڪندي. هن روس ۽ ايران وچ ۾ واپاري لاڳاپن هٿي ڏيڻ جي صلاحيت تي زور ڏيندي چيوته ٻنهي ملڪن وٽ گڏيل واپار ۾ نمايان اضافي جا وسيع امڪان موجود آهن. هن چيو ته نارٿ سائوٿ ڪوريڊور کانسواءِ بوشهر نيوڪليئر پاور پلانٽ جو هڪ اهم منصوبو آهي، جنهن جي تعمير جاري آهي. جڏهن ته نوان يونٽس به منصوبا بندي ۽ ڪجهه هنڌن تي فعال ٿي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايران جي يوريشين اڪنامڪ يونين (اي اي اي يو) سان لاڳاپا به اضافي موقعا فراهم ڪن ٿا. ايران 2023 ۾ اي اي اي يو سان آزاد واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون ۽ تنظيم ۾ مبصر جو درجو رکي ٿو. لاوروف موجب اهو معاهدو ايران ۽ اي اي اي يو جي ميمبر ملڪن وچ ۾ واپار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.






