برسلز-15 ڊسمبر (اي پي پي) يورپي يونين جا پرڏيهي وزير روس خلاف نئين پابندين تي غور ڪري رهيا آهن جنهن تحت روسي تيل جي مبينا ترسيل ۾ ملوث 40 اضافي ٽينڪرز کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي اعليٰ نمائندي ڪاجا ڪالاس، اها ڳالهه برسلز ۾ وزارتي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته اسان شيڊو فليٽ سان …
يورپي يونين جو روس خلاف وڌيڪ پابندين جو اشارو، 40 اضافي آئل ٽينڪرز بليڪ لسٽ ڪرڻ جي تياري

مزید خبریں
برسلز-15 ڊسمبر (اي پي پي) يورپي يونين جا پرڏيهي وزير روس خلاف نئين پابندين تي غور ڪري رهيا آهن جنهن تحت روسي تيل جي مبينا ترسيل ۾ ملوث 40 اضافي ٽينڪرز کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو امڪان آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي اعليٰ نمائندي ڪاجا ڪالاس، اها ڳالهه برسلز ۾ وزارتي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته اسان شيڊو فليٽ سان لاڳاپيل جهازن بابت فيصلا ڪنداسين. ان ۾ 40 اضافي ٽينڪرز ۽ ان جي معاون سرگرمين ۾ شامل عنصر شامل آهن، ان قدم جو مقصد روس جي مالي وسيلن کي محدود ڪرڻ آهي. اها اڳڀرائي ان لحاظ کان غير معمولي آهي ته يوڪرين ۾ خصوصي فوجي آپريشن جي شروعات کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي، جڏهن يورپي يونين، ڪنهن وڏين نئين پابندين جي پيڪيج جي منظوري جو انتظار ڪري بنا روس خلاف پنهنجي بليڪ لسٽ ۾ توسيع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. يورپي سفارتي ذريعن مطابق ان قدم کي روسي تيل جي غير رسمي ترسيل کي روڪڻ جي ڪوششن جو حصو قرار ڏنو پيو وڃي ته ان تي حتمي فيصلو وزارتي اجلاس کانپوءِ جو امڪان آهي.






