سکر-15 ڊسمبر (اي پي پي) سکر ڊويزن ۾ 7 ڏينھن واري پوليو مھم جي شرعات ٿي وئي. ان سلسلي ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر بشريٰ منصور سان گڏ سکر جي سوشل سيڪيورٽي اسپتال پھتو ۽ پوليو عملي کان مھم ڪامياب ڪرڻ بابت حڪمت عملي معلوم ڪئي. ڪمشنر پاران پوليو مھم جي ويڪسينٽرز ۽ سپروائيزرن کي ھدايت ڪئي وئي ته مھم دوران مائيڪرو پلان تي عمل ڪندي گھر گھر مھم کي ڪامياب بڻايو وڃي. انھيءَ موقعي تي …
سکر ڊويزن ۾ 7 ڏينهن واري قومي پوليو مهم جي شروعات

مزید خبریں
سکر-15 ڊسمبر (اي پي پي) سکر ڊويزن ۾ 7 ڏينھن واري پوليو مھم جي شرعات ٿي وئي. ان سلسلي ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن عابد سليم قريشي، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سکر بشريٰ منصور سان گڏ سکر جي سوشل سيڪيورٽي اسپتال پھتو ۽ پوليو عملي کان مھم ڪامياب ڪرڻ بابت حڪمت عملي معلوم ڪئي. ڪمشنر پاران پوليو مھم جي ويڪسينٽرز ۽ سپروائيزرن کي ھدايت ڪئي وئي ته مھم دوران مائيڪرو پلان تي عمل ڪندي گھر گھر مھم کي ڪامياب بڻايو وڃي. انھيءَ موقعي تي ڪمشنر سکر والدين لاءِ پيغام ۾ چيو آھي ته پوليو ٽيمن سان تعاون ڪندي پنھنجن 5 سالن تائين جي عمر جي سمورن ٻارڙن کي پوري عمر جي معذوري کان محفوظ رکڻ لاءِ حفاظتي ڦُڙا ضرور پيئاريا وڃن. واضح رھي ته سکر ڊويزن ۾ پوليو مھم 21 ڊسمبر تائين جاري رهندي. جڏھن ته پوليو مھم جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل عروت الوثقيٰ سان گڏ تعلقي پنوعاقل جي يوسي سانگي جي ڳوٺ هنگورو ۾ بنيادي صحت مرڪز تي قائم فڪس پوليو ٽيم ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول هنگورو ۾ موبائل پوليو ٽيم جي ڪم جو جائزو پڻ ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شھزاد خان اورينٽيشن سيشن ۾ پوليو مھم جي ويڪسينٽرز ۽ سپروائيزرن کي ھدايت ڪئي ته مھم دوران مائيڪرو پلان تي عمل ڪندي گھر گھر مھم کي ڪامياب بڻايو وڃي، انھيءَ موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سکر والدين لاءِ پيغام ۾ چيو آھي ته پوليو ٽيمن سان تعاون ڪندي پنھنجن 5 سالن تائين جي عمر جي سمورن ٻارڙن کي پوري عمر جي معذوري کان محفوظ رکڻ لاءِ پوليو کان بچاءُ جا حفاظتي ڦڙا ضرور پيئاريا وڃن، ھي مھم سال جي آخري مھم آھي، ان ڪري مھم تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ھن مھيني دوران اسڪولن جي ويڪيشن به ٿي رھي آھي، ان کي نظر ۾ رکندي سڀني اسڪولن ۾ ويڪيشن کان پهريان پوليو جا ڦڙا پيارا وڃن، ته جيئن ڪوبه ٻار پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رھجي نه وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته پوليو جي خاتمي واري مھم سکر ڊويزن ۾ 21 ڊسمبر تائين جاري رهندي.











