بگوٽا -15 ڊسمبر (اي پي پي) ڪولمبيا ۾ بس اونهي کاهي ۾ ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 17 ماڻهو فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. فوتين ۾ هاءِ اسڪول جا 16شاگرد ۽ بس جو ڊرائيور به شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 16 کان 18 سالن جي عمر جا شاگرد جيڪي ميڊيلين ويجهو واقع شهر بيلو جي هڪ اسڪول سان تعلق رکندڙ هئا، گريجوئيشن جي خوشي ملهائڻ لاءِ ڪولمبيا …
ڪولمبيا ۾ مسافر بس اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، 16 شاگردن سميت 17 ماڻهو فوت

مزید خبریں
بگوٽا -15 ڊسمبر (اي پي پي) ڪولمبيا ۾ بس اونهي کاهي ۾ ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 17 ماڻهو فوت ۽ 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. فوتين ۾ هاءِ اسڪول جا 16شاگرد ۽ بس جو ڊرائيور به شامل آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 16 کان 18 سالن جي عمر جا شاگرد جيڪي ميڊيلين ويجهو واقع شهر بيلو جي هڪ اسڪول سان تعلق رکندڙ هئا، گريجوئيشن جي خوشي ملهائڻ لاءِ ڪولمبيا جي ڪيريبين سامونڊي علائقن ٽولو ۽ ڪو ويناس جو سفر ڪري رهيا هئا. واپسي دوران بس اٽڪل 40 ميٽر اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، حادثي ۾ 20 ڄڻا زخمي به ٿي پيا.






