ايران پاران عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان مسئلي جي جلدي حل جي حوالي سان مايوسي جو اظهار

تهران -15 ڊسمبر (اي پي پي)ايران عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان مسئلي جي جلدي حل ٿيڻ جي حوالي سان مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. رڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته موجوده حالتن ۾ ۽ ايجنسي طرفان غير منصفاڻو طريقيڪار اختيار ڪرڻ سبب رڳو هڪ ڌر تي الزام هڻڻ سبب اهو مسئلو حل نه ٿي سگهندو. هن چيو ته عالمي ايٽمي …

تهران -15 ڊسمبر (اي پي پي)ايران عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي سان مسئلي جي جلدي حل ٿيڻ جي حوالي سان مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. رڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته موجوده حالتن ۾ ۽ ايجنسي طرفان غير منصفاڻو طريقيڪار اختيار ڪرڻ سبب رڳو هڪ ڌر تي الزام هڻڻ سبب اهو مسئلو حل نه ٿي سگهندو. هن چيو ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل گروسي هر هر اهڙا بيان ۽ دعوائون ورجائي ٿو جيڪي زميني حقيقتن جي ابتڙ آهن. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ توانائي ايجنسي جي بورڊ آف گورنرز ايران جي پرامن ايٽمي ٺڪاڻن تي ٿيل غيرقانوني حملن جي حقيقت ڏانهن ڪو به اشارو ناهي ڪيو جيڪو سندس چوڻ موجب آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ڪيا ويا ويا آهن.

مزید خبریں