پاڪستاني سفير ممتاز  زهرا بلوچ جي انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيرس ۾ تقريب  ۾ شرڪت

پيرس-12 ڊسمبر (اي پي پي)فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ممتاز زهرا بلوچ انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيرس ۾ يونيسڪو هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد ٿيل تقريب شرڪت ڪئي . پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان موجب تقريب جو اهتمام يونيسڪو ۽ يورپي يونين گڏيل طور تي ڪيو هو. يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل خالد العيني ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي اڳوڻي هاءِ ڪمشنر نوي پلي تقريب ۾ …

پيرس-12 ڊسمبر (اي پي پي)فرانس ۾ پاڪستان جي سفير ممتاز زهرا بلوچ انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيرس ۾ يونيسڪو هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد ٿيل تقريب شرڪت ڪئي . پاڪستاني سفارتخاني پاران جاري ڪيل بيان موجب تقريب جو اهتمام يونيسڪو ۽ يورپي يونين گڏيل طور تي ڪيو هو. يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل خالد العيني ۽ گڏيل قومن جي انساني حقن جي اڳوڻي هاءِ ڪمشنر نوي پلي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير ممتاز زهرا بلوچ ان موقعي تي خطاب ڪندي، اظهار جي راءِ جي آزادي جي اهميت کي جمهوريت ۽ عالمي سفارتڪاري جي بنياد طور اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي ڳڻتي جواظهار ڪيو ته کليل طور ڳالهين ۽ فڪري مٽاسٽا لاءِ جايون محدود ٿي ويون آهن.پاڪستاني سفير يو اين 80 جي عمل سبب پيدا ٿيل موقعن ۽ چئلينجز سميت گڏيل قومن جي انساني حقن جي ٿنڀ ۽ ان جي اثرن تي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں