ٿائينڊ جي وزيراعظم پارليامينٽ معطل ڪري ڇڏي

بنڪاڪ - 12 ڊسمبر(اي پي پي) ٿائيلينڊ جي وزيراعظم رڳو 03 مهينا عهدي تي رهڻ بعد پارليامينٽ معطل ڪري ڇڏي. جنهن جو اعلان شاهي گزيٽ ۾ جاري حڪم نامي ذريعي ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق پارليامينٽ جي وقت کان اڳ معطلي اهڙي وقت تي سامهون آئي آهي جڏهن ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جو تڪرار سرحد تي چڪريون شدت اختيار ڪري ويون آهن . جن ۾ هيستائين 20 ماڻهو مارجي …

بنڪاڪ – 12 ڊسمبر(اي پي پي) ٿائيلينڊ جي وزيراعظم رڳو 03 مهينا عهدي تي رهڻ بعد پارليامينٽ معطل ڪري ڇڏي. جنهن جو اعلان شاهي گزيٽ ۾ جاري حڪم نامي ذريعي ڪيو ويو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق پارليامينٽ جي وقت کان اڳ معطلي اهڙي وقت تي سامهون آئي آهي جڏهن ٿائيلينڊ ۽ ڪمبوڊيا جو تڪرار سرحد تي چڪريون شدت اختيار ڪري ويون آهن . جن ۾ هيستائين 20 ماڻهو مارجي و ۽ اٽڪل 6 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن . شاهي گزيٽ مطابق ، وزير اعظم طرفان مليل رپورٽ جو حوالو ڏنو ويو ته حڪومت اقليتي حيثيت رکي ٿي ۽ ملڪ ۾ سياسي حالتون مختلف چئلينجز سان ڀرپور آهن . جنهن سبب حڪومت رياستي معاملن کي موثر ۽ مستحڪم انداز ۾ جاري نٿي رکي سگهي . ان لاءِ  نمائندن جو ايوان معطل ۽ نيون عام چونڊون ڪرائڻ ئي مناسب حل آهي . ٿائيلينڊ جي قانون مطابق چونڊون پارليامينٽ معطل ٿيڻ جي 45 ڏينهن کان 60 ڏينهن اندر منعقد ڪيون وينديون، جنهن سبب پولنگ جنوري جي آخر يا فيبروري ۾ متوقع آهي . وزير اعظم انٿن سيپٽمبر ۾ ان شرط تي وزيراعظم بڻيو هو ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ پارليامينٽ معطل ڪئي ويندي. هو گذريل 2 سالن دوران ملڪ جو ٽيون وزيراعظم آهي. پنهنجي مختصر اقتدار جي دور ۾ هن ڪمبوڊيا سان وڌندڙ فوجي ڇڪتاڻ ، ميانمار غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث گروپن جي ماڻهن جي آمد ۽ ٻين وڏن چئلينجز  کي منهن ڏيڻو پيو .

مزید خبریں