وزيراعظم شهباز شريف جون اشڪ آباد ۾ منعقد فورم جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان خوشگوار ۽ غيررسمي ملاقاتون

اشڪ آباد - 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جون امن ۽ اعتماد بابت عالمي سال، غيرجانبداري بابت عالمي ڏهاڙي ۽ ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان اشڪ آباد ۾ منعقد فورم جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان خوشگوار ۽ غيررسمي ملاقاتون ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم روسي صدر ولاديمير پيوٽن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان، …

اشڪ آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جون امن ۽ اعتماد بابت عالمي سال، غيرجانبداري بابت عالمي ڏهاڙي ۽ ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان اشڪ آباد ۾ منعقد فورم جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان خوشگوار ۽ غيررسمي ملاقاتون ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم روسي صدر ولاديمير پيوٽن، ترڪ صدر رجب طيب اردوان، تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ۽ ڪرغزستان جي صدر صادر زپاروف سان غيررسمي ملاقاتون ڪيون.  فورم دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي اڳواڻن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو.

مزید خبریں