اشڪ آباد - 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي صدر ۽ اشڪ آباد ۾ منعقد عالمي فورم ۾ شريڪ اڳواڻن سان گڏ يادگارِ غيرجانبداري جو دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم اشڪ آباد ۾ منعقد امن ۽ اعتماد بابت …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعي ڏينهن ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو

مزید خبریں
اشڪ آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ جمعي ڏينهن ترڪمانستان جي گادي واري شهر اشڪ آباد ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪمانستان جي صدر ۽ اشڪ آباد ۾ منعقد عالمي فورم ۾ شريڪ اڳواڻن سان گڏ يادگارِ غيرجانبداري جو دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم اشڪ آباد ۾ منعقد امن ۽ اعتماد بابت عالمي سال، غيرجانبداري بابت عالمي ڏهاڙي ۽ ترڪمانستان جي 30 سالا مستقل غيرجانبداري جي سالگرهه جي حوالي سان منعقد فورم ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم فورم ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.











