سنڌ حڪومت صفائي، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ واش جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي پاليسين تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي: سيد ناصر حسين شاهه

ڪراچي-11 ڊسمبر (اي پي پي) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صفائي، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ واش (پاڻي، صفائي ۽ صحت) جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي پاليسين تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين عوامي جڳهن تي عورتن، معذور ماڻهن لاءِ آسان رسائي ۽ موسمياتي تبديلين کان بچاءُ وارو انفراسٽرڪچر مهيا ڪرڻ …

ڪراچي-11 ڊسمبر (اي پي پي) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت صفائي، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ واش (پاڻي، صفائي ۽ صحت) جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي پاليسين تي سختي سان عمل ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين عوامي جڳهن تي عورتن، معذور ماڻهن لاءِ آسان رسائي ۽ موسمياتي تبديلين کان بچاءُ وارو انفراسٽرڪچر مهيا ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اهڙو اظهار هن واٽر ايڊ پاڪستان پاران "ڪنهن کي پوئتي نه ڇڏيو: صنفي طور حساس ۽ موسمياتي تبديليءَ کان بچاءُ ڪندڙ واش انفراسٽرڪچر” جي عنوان سان هڪ اهم پاليسي ۽ ايڊووڪييسي ڊائلاگ جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو.سيد ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته حڪومت غير سرڪاري تنظيمن سان حصيداري وڌائي رهي آهي ته جيئن ڪميونٽي کي هر سطح تي فعال بڻائي سگهجي ۽ هر شهري کي صاف پاڻي، صفائي ۽ صحت واريون سهولتون ملي سگهن. هن چيو ته اسڪولن ۾ ڇوڪرين لاءِ حيضي سان لاڳاپيل سهولتن، پردي ۽ پرائيويسي جي بهتري تي فوري ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ پاڻي، ٽوائلٽ ۽ صفائي جو نظام وڌيڪ مضبوط ڪيو پيو وڃي ته جيئن هر ماڻهو محفوظ سهولتون حاصل ڪري سگهن. وزير ٻڌايو ته واش منصوبن ۾ ضلعي ۽ صوبائي سطح تي جامع منصوبابندي، شفافيت ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏيل حڪمت عملي لازمي قرار ڏني وئي آهي. هن چيو ته عورتن جي اڳواڻيءَ ۾ اوور سائيٽ ڪميٽيون ٺاهيون پيون وڃن ته جيئن ذميواري ۽ جوابدهي جو نظام مضبوط ٿئي. هن واضع ڪيو ته ڪميونٽي جي سڌي وڪالت ۽ حصيداريءَ کانسواءِ پائيدار تبديلي ممڪن ناهي.پروگرام ۾ عورتن، معذور ماڻهن، نوجوانن، ڪميونٽي ميمبرن ۽ سرڪاري آفيسرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.وڏي وزير جي صلاحڪار نجمي عالم چيو ته ڪميونٽي سطح تي پاڻي جي انتظام ۽ عوامي آگاهي وقت جي ضرورت آهي. واٽر ايڊ جي صنفي صلاحڪار رحيمه پنھور چيو ته هن ڊائلاگ جو مقصد اهو آهي ته ڪميونٽي جي آواز کي سڌو سنئون پاليسي سازن تائين پهچايو وڃي ته جيئن حل ممڪن ٿي سگهي. هن چار اهم ترجيحات ٻڌايون اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ واش سهولتن کي پهرين ترجيح ڏيڻ، انهن کي صنفي طور شامل، معذور ماڻهن لاءِ قابل رسائي ۽ موسمياتي تبديليءَ لاءِ مضبوط بڻائڻ، حيضي جي صفائي، عام رسائي، ۽ پرائيويسي جا مسئلا حل ڪرڻ، ضلعي ۽ صوبائي سطح تي مضبوط منصوبابندي ۽ عملدرآمد. پينل ڊسڪشن ۾ "اسپتالن، اسڪولن ۽ عوامي جڳهن تي شامل واش انفراسٽرڪچر جا موقعا ۽ مسئلا” تي ڳالهايو ويو. پينل ۾ ڊاڪٽر تنوير احمد شيخ، ڊاڪٽر رابعه، ڊاڪٽر فوزيه خان ۽ ايم پي اي فرح سهيل شامل هئا. پينل ميمبرن زور ڀريو ته آڊٽ رپورٽن مطابق واش سسٽم ۾ فوري سڌارا ڪرڻ گهرجن، جيئن صنفي حساسيت، معذور ماڻهن جي رسائي، حيضي جي سهولت، پرائيويسي ۽ موسمياتي خطري کي گهٽائي سگهجي. پينل سفارش ڪئي ته عورتن جي سربراهي ۾ اوور سائيٽ ڪميٽيون ٺاهيون وڃن، گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ۽ ضلعي ۽ صوبائي سطح تي واش کي منصوبابندي ۾ باقاعدي شامل ڪيو وڃي ته جيئن ڪميونٽي جي شموليت ۽ جوابدهي وڌيڪ مضبوط ٿئي. ڊائلاگ جي پڄاڻي بدين جي جنرل سيڪريٽري ماروي عابدي سمون جي ٿورن واري تقرير سان ٿي، جنهن ۾ هن ڪميونٽي جي مستقل وڪالت ۽ حصيداريءَ جي عزم کي ورجايو.