اشڪ آباد - 11 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اشڪ آباد پهچڻ تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان ملاقات ڪئي ۽ اي سي او پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئرمين شپ (27 – 2026ع) سنڀالڻ جي تيارين جي ڏس ۾ علائقائي معاشي تعاون، رابطاڪاري ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي اي سي او جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان ملاقات

مزید خبریں
اشڪ آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اشڪ آباد پهچڻ تي اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر اسد مجيد خان سان ملاقات ڪئي ۽ اي سي او پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئرمين شپ (27 – 2026ع) سنڀالڻ جي تيارين جي ڏس ۾ علائقائي معاشي تعاون، رابطاڪاري ۽ گڏيل خوشحالي جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان اي سي او سيڪريٽريٽ ۽ سمورن ميمبر ملڪن سان گڏجي خطي ۾ اقتصادي هم آهنگي جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اي سي او ويزن 2025ع جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت کي پڻ ورجايو ۽ ان موقعي تي تجويز پيش ڪئي ته اي سي او تنظيم جي مستقبل جي هدفن ۽ علائقائي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي اي سي او ويزن 2035ع جي هڪ نئين، بهتر ۽ جامع فريم ورڪ تي ڪم جي شروعات ڪري. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف وفد سان گڏ امن ۽ اعتماد بابت عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ اشڪ آباد پهتو جيڪا اڄ منعقد ٿيندي.











