اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان ميٽا جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ محفوظ ۽ ذميواراڻي ڊجيٽل ايڪو سسٽم جوڙڻ لاءِ پاليسي تعاون ۽ صارفين جي تحفظ بابت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفد ۾ دانيه مختار (هيڊ آف پبلڪ پاليسي، ميٽا پاڪستان)، شي انگ تي (ليڊ ڪائونسل، ميٽا پاڪستان ۽ …
آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير سان ميٽا جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان ميٽا جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ محفوظ ۽ ذميواراڻي ڊجيٽل ايڪو سسٽم جوڙڻ لاءِ پاليسي تعاون ۽ صارفين جي تحفظ بابت اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفد ۾ دانيه مختار (هيڊ آف پبلڪ پاليسي، ميٽا پاڪستان)، شي انگ تي (ليڊ ڪائونسل، ميٽا پاڪستان ۽ ڏکڻ ايشيا/سينٽرل ايشيا)، نور بانو (ريگيوليٽري ڪمپلائنس)، ميلو ڊي گوه (ريگيوليٽري اسڪيليشنز)، سحر طارق (ڪانٽينٽ پاليسي ڊولپمينٽ) ۽ ربيڪا اوه (واٽس ايپ پاليسي) شامل هيون. ملاقات ۾ آن لائن سيفٽي فريم ورڪس کي مضبوط بنائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو، خاص ڪري عورتن، ٻارن ۽ ڪمزور طبقن جي تحفظ لاءِ ضروري قدرمن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌُرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي آن لائن فراڊ ۽ هراسمينٽ جي وڌندڙ واقعن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ رپورٽنگ مڪينزم کي بهتر بڻائڻ، سيڪيورٽي پروٽوڪولز کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ ڊجيٽل لٽريسي ۾ واڌ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه محفوظ، جامع ۽ شهري ڊجيٽل پاڪستان جي حڪومتي ويزن تي روشني وڌي. هن چيو ته وزارت عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپنين خاص ڪري ميٽا سان تعاون وڌائي رهي آهي ته جيئن شهرين کي وڌ کان وڌ محفوظ، بااعتماد ۽ جديد ڊجيٽل سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ملاقات جي پڄاڻي مستقبل ۾ سهڪار ۽ فني تعاون کي هٿي وٺرائڻ جي عزم سان ٿي جنهن جو مقصد هڪ محفوظ ۽ گهڻ رُخي ڊجيٽل ماحول جوڙڻ آهي.











