پاڪستان ۾ ڀارت ۽ افغانستان مان دهشتگرديءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي: طلال چوڌري

اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ميڊيا کي بريفنگ دوران ڀارت ۽ افغانستان مان هلندڙ درجنين سوشل ميڊيا اڪائونٽس جا تفصيل فراهم ڪيا، جيڪي ملڪ ۾ دهشتگردي کي هٿي وٺرائڻ ۾ استعمال ٿي رهيا آهن. حڪومت سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان فوري طور پنهنجي آفيس پاڪستان ۾ قائم ڪرڻ ۽ ملڪ جي قانون تي عملدرآمد جو مطالبو ڪري ڇڏيو. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ قانون …

اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انٽرنيشنل ميڊيا کي بريفنگ دوران ڀارت ۽ افغانستان مان هلندڙ درجنين سوشل ميڊيا اڪائونٽس جا تفصيل فراهم ڪيا، جيڪي ملڪ ۾ دهشتگردي کي هٿي وٺرائڻ ۾ استعمال ٿي رهيا آهن. حڪومت سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تان فوري طور پنهنجي آفيس پاڪستان ۾ قائم ڪرڻ ۽ ملڪ جي قانون تي عملدرآمد جو مطالبو ڪري ڇڏيو. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري ۽ قانون واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ طرفان غير ملڪي ميڊيا کي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ پاڪستان جي پاليسي جي وضاحت ڪئي وئي. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري انڪشاف ڪيو ته پاڪستان حڪومت مختلف دهشتگرد تنظيمن جن ۾ فتنه الخوارج ۽ بي ايل اي (بلوچستان لبريشن آرمي) شامل آهن، جي درجنين سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي آهي ۽ لاڳاپيل پليٽ فارمز کي انهن جي بندش لاءِ بار بار درخواستون ڪيون. هن واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ بابت اهي اڪائونٽس افغانستان ۽ ڀارت مان آپريٽ ٿي رهيا آهن، حڪومت وٽ ان جون ٺوس شاهديون موجود آهن. طلال چوڌري مطالبو ڪيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ استعمال ٿيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. هن اها به تجويز ڏني ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) الگورٿم ذريعي دهشتگرديءَ سان منسلڪ اڪائونٽس کي فوري طور بند ڪرڻ گهرجي. مملڪتي وزير سمورن سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کان پنهنجون آفيسون پاڪستان ۾ کولڻ ۽ قانوني گهرجن موجب عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسان جي ادارن کي آءِ پي ايڊريس فراهم ڪيا وڃن ۽ پاڪستان جي سوشل ميڊيا بابت قانونن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي. طلال چوڌري واضح ڪيو ته حڪومت قانوني گهرجون پوريون نه ڪندڙ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي فوري طور تي پاڪستان ۾ بند ڪرڻ چاهي ٿي پر هو تعاون ۽ قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿي. طلال چوڌري مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي تعاون جي سطح جو به ذڪر ڪيو. ان موجب پاڪستان حڪومت سان سڀ کان گهٽ تعاون ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) جو آهي، ٻئي طرف هن ٻُڌايو ته پاڪستان حڪومت سان سڀ کان بهتر تعاون ٽيليگرام جو آهي. ان موقعي تي قانون واري مملڪتي وزير عقيل ملڪ زور ڀريو ته پاڪستان جي سوشل ميڊيا قانونن تي عمل ٿيڻ گهرجي. هن عالمي سطح جو مثال ڏيندي ٻُڌايو ته برازيل ۾ ايڪس تي ڏنڊ جا مثال موجود آهن. اهڙيءَ طرح اسان جي ملڪ ۾ موجود سوشل ميڊيا قانون تي به عملدرآمد ٿيڻ گهرجي.

مزید خبریں