راولپنڊي-11 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان آرمي ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) وچ ۾ گڏيل دهشتگردي جي خاتمي جي مشق ”واريئر IX“ جاري آهي جيڪا 28 نومبر کان شروع ٿي ۽ 14 ڊسمبر تائين جاري رهندي. ٻن هفتن تي ٻَڌل ان مشق جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ ۽ عسڪري تعاون کي مضبوط بڻائڻ آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب …
پاڪستان آرمي ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي وچ ۾ گڏيل دهشتگردي جي خاتمي جي مشق ”واريئر IX“ جاري

مزید خبریں
راولپنڊي-11 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان آرمي ۽ چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) وچ ۾ گڏيل دهشتگردي جي خاتمي جي مشق ”واريئر IX“ جاري آهي جيڪا 28 نومبر کان شروع ٿي ۽ 14 ڊسمبر تائين جاري رهندي. ٻن هفتن تي ٻَڌل ان مشق جو مقصد ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ ۽ عسڪري تعاون کي مضبوط بڻائڻ آهي. آءِ ايس پي آر پاران جاري بيان موجب نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم سينٽر (اين سي ٽي سي) پبي ۾ ڊسٽنگو شڊوز ٽرز ڊي جي خصوصي تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ چين جي پاڪستان ۾ سفير جيانگ زائي دونگ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي چين مان آيل سينيئر عسڪري عملدار به موجود هئا، جڏهن ته پاڪ فوج جي چيف آف جنرل اسٽاف خاص مهمان طور تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب دوران معزز مهمانن کي مشق جي مقصدن، دائره ڪار ۽ مختلف مرحلن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شرڪت ڪندڙن دهشتگرديءَ جي خاتمي بابت مختلف عملي مشقن جو مشاهدو ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي جوانن جي پيشيوراڻي صلاحيت، آپريشنل تياري ۽ بلند حوصلي جي ساراهه ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب اها گڏيل مشق پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دفاعي تعاون جي عڪاس آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي فوج جي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سيڪيورٽي لاءِ گڏيل عزم کي وڌيڪ هٿي ڏئي ٿي.











