اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته چانهه جي مقامي پيداوار مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بچائڻ ۽ روانگي واپار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ چانهه جي ڪمرشلائزيشن جي اسٽريٽجي جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ايف اي او، صوبائي حڪومتن جي نمائندن، زراعت جي ماهرن ۽ …
چانهه جي مقامي پيداوار مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بچائڻ ۽ روانگي واپار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-11 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته چانهه جي مقامي پيداوار مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بچائڻ ۽ روانگي واپار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اهڙو اظهار هن پاڪستان ۾ چانهه جي ڪمرشلائزيشن جي اسٽريٽجي جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ايف اي او، صوبائي حڪومتن جي نمائندن، زراعت جي ماهرن ۽ لاڳاپيل ڌُرين شرڪت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته چانهه جي مقامي پيداوار مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا بچائڻ ۽ روانگي واپار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. پاڪستان چانهه جي درآمد تي 650 ملين ڊالرن جي رقم خرچ ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ 6 لک هيڪٽرز کان وڌيڪ زمين چانهه جي پوکيءَ لاءِ موزون آهي ۽ وڏا فارمز ۽ زرعي ڪلسٽرز جي قيام سان چانهه جي پيداوار ۾ خاطرخواه واڌ ممڪن ٿيندي. هن چيو ته پيداوار صرف شروعات آهي، مڪمل ويليو چين کي فعال بڻائي پاڪستان اربين ڊالر ڪمائي سگهي ٿو. احسن اقبال ٻُڌايو ته اُڏام پاڪستان لائحه عمل تحت 26 زرعي ڪلسٽرز جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جيڪي زرعي مصنوعات جي ويليو ايڊڊ پروسيسنگ، نوان روانگي واپار جا موقعا ۽ جديد زرعي ماڊلز جا بنياد رکندا، حڪومت خام پيداوار سان ويليو ايڊڊ شين طرف منتقليءَ کي ملڪي ترقيءَ جو بنيادي ٿنڀ سمجهي ٿي. ان موجب چانهه جي پروسيسنگ، پيڪيجنگ ۽ برانڊنگ جي مؤثر قدمن ذريعي پاڪستاني چانهه عالمي مارڪيٽ ۾ نمايان مقام حاصل ڪندي. هن چيو ته حڪومت جون ڪوششون روانگي واپار وڌائڻ ۽ آمدني واپار گهٽ ڪرڻ تي آهن ته جيئن ملڪ کي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جي بحران کان بچائي سگهجي، جديد فني ۽ تربيت يافته ماهر زرعي شعبي ۾ حقيقي تبديلي آڻيندا، ان مقصد لاءِ حڪومت هڪ هزار ايگريڪلچر سائنسدانن ۽ محققنن کي چين ۾ جديد تربيت لاءِ موڪلي چڪي آهي جيڪي جديد زرعي ٽيڪنالاجيز ذريعي ملڪ ۾ زرعي انقلاب آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. وفاقي وزير مختلف زرعي ويليو چينز تي روشني وڌي. هن چيو ته خام گلاب جي پنکڙين سان مڪمل ويليو چين ذريعي اربين رپين جي پيداوار ممڪن آهي، پاڪستان دنيا جو چوٿون وڏو کجور پيدا ڪندڙ ملڪ آهي ۽ انب ۽ کجي سان عالمي معيار جي شين جنهن ۾ انب پائوڊر ۽ ڊيٽ پائوڊر تيار ڪري روانگي واپار ۾ نمايان واڌ ڪري سگهي ٿي. وفاقي وزير اهو پڻ ٻُڌايو ته پاڪستان جي زيتون جي تيل جو معيار اسپين جي مشهور زيتون جي تيل کان بهتر ۽ عالمي معيار موجب آهي جيڪو پاڪستان لاءِ هڪ نئين روانگي واپار جي راهداري ثابت ٿي سگهي ٿو. احسن اقبال زور ڀريو ته چانهه سميت سمورن زرعي ويليو چينز ۾ سيڙپڪاري پاڪستان لاءِ پائيدار ترقي، غذائي تحفظ ۽ روانگي واپار جي استحڪام جو نئون دؤر ثابت ٿيندو. وفاقي وزير ايف اي او جي قدمن جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته چانهه جي مقامي واپار لاءِ پاڪستان جي معاونت ساراهه جوڳي آهي. چين جي ماهرن جي حصيداري ان منصوبي کي مضبوط بنياد ڏنو.











